Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪِريل هڪ کُجور (ڪَتَلَ) کائڻ جو وبال

  هڪ تمام وڏا ۽ مشهور ۽ معروف وليُ الله گذريا آهن: حضرت ابراهيم بن اَدۡهَم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سندن زندگيءَ جو ڪافي حصو سفر ۾ گذاريو، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان بيتُ المقدّس (يعني مسجدِ اقصٰي) ۾ رات گذاري، مون ڏٺو: رات جي ڪنهن پهر ۾ اتي ٻه فرشتا آيا، انهن مان هڪ فرشتي ٻئي کي چيو: هتي ڪهڙو انسان آهي؟ ٻئي چيو: هي ابراهيم بن اَدۡهم آهن. پهرين فرشتي چيو: اهي ابراهيم بن ادهم...!! انهن کي ته هاڻي سندن درجي کان هٽايو ويو آهي. ٻئي فرشتي پڇيو: ڪهڙي سبب؟ پهرين فرشتي چيو: هڪ ڀيري ابراهيم بن ادهم بصره ۾ هئا، انهن هڪ دڪان تان کُجورون خريد ڪيون، جڏهن اهي کُجورون وٺي ڪري وڃڻ لڳا ته ڏٺائون: هڪ کُجور ڪِريل پئي آهي، اهي سمجهيا ته شايد هي منهنجي کُجور ڪِري پئي آهي، لهٰذا انهن اها کُجور کڻي ڪري کائي


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔