Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ڪم ڪار ۽ وقت جي سهولت جي مطابق فيضانِ نماز ڪورس ڪري پنهنجي نماز درست ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

   پيارا اسلامي ڀائرو! قربان وڃو! شيخِ طريقت اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي حڪمت، سندن جي اعلٰي سوچ، علم ۽ مهارت تي جو سندن هن پُرفتن دور ۾ نيڪ بڻجڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ناياب نسخو عطا فرمايو آهي يعني 72 نيڪ اعمال، هن ۾ سڀ کان پهريون نيڪ عمل هي آهي: ڇا اڄ توهان ڪجھ نه ڪجھ جائز ڪمن کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ چڱي نيّت ڪئي؟

جيڪڏهن اسان صرف ان هڪ نيڪ عمل کي استقامت سان اپنايون ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان دل پاڪ ٿيندي، دل مان دنيا جي محبت نڪرندي ۽ الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذهن به بڻجي ئي ويندو. هاڻي اندازو لڳايو! هي 72 مان صرف هڪ نيڪ عمل تي استقامت جي برڪت آهي، جيڪڏهن اسان پوري 72 نيڪ اعمال کي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته ان جون ڪيتريون برڪتون نصيب ٿينديون؟

نيّت ڪيو! اسان 72 نيڪ اعمال واري ديني ڪم کي زندگي ۾ نافذ ڪنداسين. ان جي لاءِ 72 نيڪ اعمال جو رسالو مڪتبةُ المدينه کان طلب ڪيو، ان کي پاڻ وٽ رکو، روزانو وقت مقرر ڪري ان جا خانا پُر ڪري اتان جي ذميدار کي جمع ڪرايو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ نيڪ اعمال (NaikAmal)