Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

وچان مهڪڻ لڳو، فرمايائون: امام احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اوهان کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ مون عرض ڪيو: امام صاحب فرمائن ٿا: دل جي نرمي حلال رزق ۾ آهي. حضرت عبدُ الوهاب ورَّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن به اها ئي ڳالھ ڪئي، فرمايائون: امام صاحب جن اصل بنياد ٻڌايو آهي (واقعي حلال کائڻ جي بغير دل هرگز صاف نه ٿي ٿي سگهي).   (حلیۃ الاولیاء ، جلد:9 ، صفحہ:193 ،رقم:13663 ملتقطًا۔)

  پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! 3 اولياءِ ڪرام جي گواهي آهي ته دل جي نرمي ۽ صفائي جي لاءِ سڀ کان اهم شيءِ حلال کاڌو آهي. هن مان اندازو لڳايو! خريد و فروخت ۾ احتياط ڪرڻ، نهايت ايمانداري سان خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي، جيڪڏهن اسان شيون خريد ڪرڻ يا وڪڻڻ ۾ بي احتياطي ڪئي ۽ الله نه ڪري ٻئي جي شيءِ ناحق اسان وٽ اچي وئي ته هي ظاهري طور معمولي نظر اچڻ واري غلطي دل جي دنيا کي اجاڙي ڇڏيندي. ان ڪري خريداري ۽ وڪري  ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

زُهد (دنيا کان ڪنارو ڪرڻ) جي موضوع تي هڪ بي مثال ڪتاب

   امام اعظم، امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نهايت هوشيار شاگرد امام محمد بن حسن شَيباني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هڪ ڀيري ڪنهن عرض ڪيو: سائين! اوهان زهد (يعني دنيا کان بي رغبتي) جي موضوع تي هڪ ڪتاب لکي ڇڏيو! فرمايائون: مان ان موضوع تي ڪتاب لکي چڪو آهيان. پڇيائون: اهو ڪهڙو؟ فرمايائون: کِتَابُ الْبِیُوْع يعني منهنجو اهو ڪتاب جنهن ۾ مون خريداري ۽ وڪري جا احڪامَ بيان ڪيا آهن.   (المبسوط للسرخسی ، کتاب البیوع ، جز:12،جلد:6، صفحہ:128 ۔)

 يعني جيڪو خريداري ۽ وڪري جا احڪامَ نه ٿو ڄاڻي، اهو حرام کان نه ٿو بچي سگهي ۽ جيڪو حرام کان نه بچي سگهي، اهو زاهِد ڪيئن ٿو بڻجي