Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تي لازم آهي ته سُٺا ۽ سچا واپاري به بڻجون ۽ سچا خريدار به بڻجون. اچو! سچي تجارت ڪرڻ وارن خوش نصيب واپارين جي فضائلن تي ڪجھ حديثون ٻڌون ٿا:

(1): امانت دار  واپاري انبياء  سان گڏ هوندو

   الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:

اَلتَّاجِرُ الصَّدُوْقُ الْاَمِينُ مَعَ النَّبِیّٖن ، وَالصِّدِّيْقِيْنَ، وَ الشُّهَدَاءِ

سچو ۽ امانت دار واپاري قيامت جي ڏينهن انبياءِ ڪرام، صديقين ۽ شهيدن سان گڏ هوندو.

  (ترمذی، کتاب :البیوع،باب: ماجاء فی التجار ، صفحہ:316 ، حدیث :1209)

  (2):  دنيا جو مال حلال ذريعي سان ڪمائڻ واري جي فضيلت

 ترمذي شريف ۾ حديث پاڪ آهي، محبوبِ خدا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ التُّجَّارَ يُحْشَرُوْنَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فُجَّارًا اِلَّا مِنِ اتَّقَى وَبَرَّ وَصَدَقَ يعني قيامت جي ڏينهن سڀ ئي تاجِرَ بدڪار اٿاريا ويندا پر اهو جيڪو  تقوٰي اپنائي، نيڪي ۽ ڀلائي ڪري ۽ سچ ڳالهائي.

 (ترمذی، کتاب :البیوع،باب: ماجاء فی التجار ، صفحہ:316 ، حدیث :1210)

 مشهور مُفسِر قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: پرهيزگاري مان مراد آهي:ڪبيره گناھ کان خاص ڪري ۽ صغيره گناھ جي عادت کان عموماً بچندو رهڻ. نيڪي مان مراد آهي پنهنجي ڪاروبار کي دوکي، خيانت کان محفوظ رکڻ، سچ مان مُراد سودي جي بابت صاف ڳالھ ڪرڻ جيڪڏهن عيبدار هجي ته ان کي بي عيب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ، مطلب هي آهي ته قيامت جي ڏينهن سڀ ئي واپاري فاسق ۽ فاجِر هوندا سواءِ انهن جي جن ۾ هي 3 صفتون هجن،