Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ڪرڻ يا وڪڻڻ وقت هزگز هرگز ڪوڙ نه ڳالهايو، نه ئي ڪوڙو قَسم کڻو.

 اڄ ڪلھ واپار ۾ هي مصيبت به وڏي عام آهي، دڪاندار شين جون ڪوڙيون تعريفون ڪري رهيا هوندا آهن ۽ گِراهڪَ ڪوڙ ڳالهائي ڪري قيمت گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن، سودو ته ٿئي يا نه ٿئي، شيءِ کَپي يا نه کَپي، باقي ٻئي ڪوڙ جي گناھ ۾ مبتلا ٿي ڪري جهنّم جا حقدار ٿي ويندا آهن.

سودو  وڪڻڻ وقت قَسم نه کڻو!

   الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:  اَلْحَلِفُ مُنَفِّقَةٌ لِلسِّلْعَةِ، مُمْحِقَةٌ لِلْبَرَكَةِ يعني قسم سامان ته وڪڻائي ڇڏيندو آهي پر برڪت مٽائي ڇڏيندو آهي.

 (بخاری،کتاب: البیوع،باب:یمحق اللہ الربوا …الخ،صفحہ:544،حدیث:2087)

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ ۾ ڪوڙي قَسم جو قيد ناهي، يعني سودو وڪڻڻ وقت قَسم کنيائين، جيتوڻيڪ اهو سچو هجي يا ڪوڙو، هي قسم سودي ۾ نحوست آڻيندو، ان جي سبب برڪت ختم ٿي ويندي، هاءِ! اسان وٽ ته ماڻهو خريد ۽ فروخت ۾ ڪوڙا قسم به کڻي رهيا هوندا آهن. اندازو لڳايو! جڏهن صرف قسم جيتوڻيڪ ڪوڙو هجي يا سچو، ان سان برڪت ختم ٿي ويندي آهي ته جيڪو ڪوڙو قسم کڻي ڪري سودو وڪڻي ته ان جو وبال ڪيترو هوندو؟

واپار ۾ ڪوڙو قسم کڻڻ جو وبال

هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: ثَلَاثَةٌ لَا يُكَلِّمُهُمُ اللهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ، وَلَا يَنْظُرُ اِلَيْهِمْ وَلَا يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيمٌ يعني 3 ماڻهو اهڙا آهن: جن سان الله پاڪ قيامت جي ڏينهن نه ڪلام ڪندو، نه نظرِ رحمت ۽ نه ئي انهن کي گناھن کان پاڪ ڪندو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ