Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

نقلي نوٽ نه هلائيندا ڪيو!

  اهڙيءَ طرح گِراهڪ يا خريدار کي به  گهرجي ته نقلي يا پراڻا ڦاٽل نوٽ دوکي سان هلائي ڇڏڻ کان بچن. کوڙ ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀائرن کي دوکو ڏي رهيا هوندا آهن * ڪڏهن نوٽن جي دستيءَ ۾ نقلي نوٽ لڪائي ڪري ڏئي ويندا آهن * ڪو نوٽ پراڻو ڦاٽل ۽ هلڻ جي قابل نه هجي ته نَوَن نوٽن جي درميان ۾ رکي ڪري دوکي سان دڪاندار کي ڏئي ڪري ان ويچاري جو نقصان ڪري وجهندا آهن. اهڙيءَ طرح پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي دوکو ڏيڻ نهايت سخت گناھ آهي.

چوري کان وڌيڪ بُرو گناھ

   اِحياءُ العلوم ۾ آهي: ڪوڙن (کُوٽن) سِڪن کي (يا نوٽن) کي رواج ڏيڻ عام ظلم آهي، ان جو وڏو نقصان هي آهي ته هي گناھِ جاريه بڻجي سگهي ٿو، مثال طور هڪ شخص ڪنهن کي دوکي سان نقلي نوٽ ڏئي ڇڏيو، هاڻي اهو اڳتي ڪٿي هلائي ڇڏيندو، ٽيون چوٿين کي، چوٿون، پنجين کي ايئن دوکي سان هلندو رهندو، ايئن هي سڀ به گنھگار ٿيندا ۽ انهن سڀني جو گناھ ان پهرين شخص کي ٿيندو جو انهيءَ هن بُرائي جو دروازو کوليو.

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الثالث : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:94 ملخصاً)

   هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڪوڙو (کوٽو) سِڪو (يا نقلي نوٽ ڌوڪي سان) هلائي ڇڏڻ چانديءَ جا 100 سڪا چوري ڪرڻ کان به وڌيڪ بُرو آهي ڇو جو چوري هڪ گناھ آهي، جيئن ئي چورَ چوري ڪئي، گناھ ختم ٿي ويو پر نقلي نوٽ دوکي سان هلائي ڇڏڻ بُري بدعت، بُرو طريقو آهي، جنهن کي  ٻانهو دين ۾ جاري ڪري ڇڏيندو آهي (ٿي سگهي ٿو ته جنهن ان کي نقلي نوٽ هلايو، اهو اڳتي ڪٿي هلائي، اهو ان کان اڳتي هلائي، ايئن هي سلسلو هلندو رهندو ۽ هي هڪ گناھ گناھِ جاريه بڻجي ويندو).

 (احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الثالث : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:94۔)