Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

  معلوم ٿيو اسان جو سڀني کان اهم عضوو اسان جي دل (Heart) آهي، هي سُڌري وڃي ته پورو جسم سُڌري ويندو آهي ۽ جيڪڏهن دل بگڙجي وڃي ته پوري جو پورو انسان بگڙجي ويندو آهي ۽ دل جي ان شيشي کي صاف شفاف بڻائڻ واري سڀ کان اهم شيءِ حلال رزق آهي. بهرحال

دل چمڪائڻ واري بنيادي شيءِ

   حضرت عمر بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، مون پڇيو: اي امام! الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي، دليون نرم ڪيئن ٿينديون آهن؟ هي سوال ٻڌي ڪري احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن مٿو مبارڪ جهڪائي ڇڏيو، ڪجھ دير کان بعد مٿو کڻي ڪري فرمايائون: پٽَ! حلال مال (دل کي نرم ڪندو آهي)

   حضرت عمر بن صالح فرمائن ٿا: پنهنجي سوال جو جواب ٻڌي ڪري مان واپس موٽي آيس، رستي ۾ مون کي حضرت بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مليو مون انهن کان پڇيو: سائين! دليون نرم ڪيئن ٿينديون آهن؟ فرمايائون: الله پاڪ جي ذڪر سان. مون عرض ڪيو: امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هيس، ايترو ٻڌندي ئي حضرت بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن خوشي وچان فرمايو: واھ... (ڇا ڳالھ آهي) انهن اوهان کي ڇا ٻڌايو؟ مون عرض ڪيو: امام احمد بن حنبل فرمائن ٿا: حلال کائڻ سان دل نرم ٿيندي آهي. فرمايائون: امام صاحب اصل بنياد ٻڌايو (يعني اصل هيءُ ئي آهي ته دل حلال رزق سان ئي نرم ٿيندي آهي) حضرت عمر بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پوءِ منهنجي ملاقات حضرت عبدُ الوهاب ورَّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان ٿي، مون انهن کان به اهو ئي سوال پڇيو: انهن به فرمايو الله پاڪ جي ذڪر سان دل نرم ٿيندي آهي. مون عرض ڪيو: مان امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هيس، ايترو ٻڌندي ئي انهن جو چهرو خوشي