Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ڪڏهن قتل و غارت تائين به نوبت پهچي ويندي آهي. لهٰذا خريداري ۽ وڪرو جڏهن به ڪيو، بلڪل صاف ۽ شفاف ڪيو، قانوني ڪاروائي جي ضرورت هجي ته ڪري وٺو! ڪاغذات وغيره ٺهرائڻا هجن ته يڪدم ٺهرائي وٺو! ڪا به گهٽتائي، پوشيدگي نه رکو. اسان وٽ ماڻهو جذبات ۾ اچي ڪري بي پرواهي ڪري ويهندا آهن، مثال طور سڳي ڀاءُ کي ڪا شيءِ ڏنائين، يا سڳي ڀاءُ کان خريدي هجي ته ضروري  ڪاغذات وغيره ٺهرائڻ ۾ لاپرواهي ڪئي ويندي آهي ته خير آهي، پنهنجو ڀاءُ ئي ته آهي. پر جڏهن شيطان پنهنجو ڄار وڇائيندو آهي ته ڀاءُ ئي ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو هوندو آهي. ان ڪري بلڪل صاف ۽ شفاف معاملو ڪيو. خريداري ۽ وڪري جا سڀ ضروري تقاضا وقت تي پورا ڪري وٺو ته جيئن بعد ۾ جهيڙي جهڳڙي جي نوبت نه اچي.

سودو  توري ڪري ڏيو!

   ڪجھ دڪاندار حضرات شيءِ وڪڻڻ وقت باقاعده ساهمِي سان توريندا يا ماپي سان ماپيندا ناهن. ايئن ئي اندازي سان ڏئي ڇڏيندا آهن، هيءَ صورت به جهڳڙي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: كِيْلُوا طَعَامَكُمْ يُبَارَكْ لَكُمْ فِيهِ يعني پنهنجو کاڌو ماپي وٺندا ڪيو، توهان کي ان ۾ برڪت ڏني ويندي.

(بخاری، کتاب البیوع، صفحہ:553، حدیث:2128۔)

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي فرمائن ٿا: داڻو(يا ڪا به شيءِ) وڪڻندي ۽ خريد ڪندي قرض ڏيندي وٺندي ماپي توري ڪري وٺندا ڪيو ته جيئن گهٽ وڌ نه هجي ۽ توهان جي ذمي ٻين جو ۽ ٻين جي ذمي توهان جو حق نه رهي. (مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:26۔)

  هڪ روايت ۾ فرمايو: مَنِ ابْتَاعَ طَعَامًا فَلَا يَبِعْهُ حَتَّى يَسْتَوْفِيَهُ جيڪو اَنُ خريد ڪري ان