Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

عذاب آهي. حضرت ابو ذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه جن عرض ڪيو: اهي ته ٽُٽا ۽ خساري ۾ ئي پئجي ويا يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اهي ڪير آهن؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: (1): تهبند (گوڏ) لٽڪائڻ وارو(2): احسان جتائڻ وارو (3): ڪوڙي قَسم سان مال وڪڻڻ وارو.

)مسلم،کتاب الایمان، باب بیان غلظ، صفحہ:58، حدیث:106)

(4) خيرخواھ بڻجي وڃو!

   اي عاشقانِ رسول! هڪ نهايت ئي پيارو مدني گُلُ آهي، جيڪڏهن اسان سڀ ئي ان مدني گل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي طور تي نافِذ ڪري وٺو ته خريداري ۽ وڪري جي گناھن سان گڏوگڏ ٻين به ڪافي گناھن کان بچي وينداسين. اهو مدني گل ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَا يُؤْمِنُ اَحَدُكُمْ، حَتَّى يُحِبَّ لِاَخِيْهِ مَا يُحِبُّ لِنَفْسِهِ يعني توهان مان ڪو ان وقت تائين ڪامل مومن نه ٿو ٿي سگهي جيستائين پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ اها ئي شيءِ پسند نه ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي.

)بخاری، کتاب: الایمان،باب: من الایمان ان یحب لاخیہ ،صفحہ:74،حدیث:13)

  هر اها ڳالھ، هر اهو معاملو جيڪو اسان پنهنجي لاءِ پسند ناهيون ڪندا، اهو اسان ٻين جي لاءِ به پسند نه ڪيون ۽ هر اهو ڪم، ڳالھ ۽ معاملو جيڪو اسان کي پسند آهي، اهو اسان ٻين جي لاءِ پسند ڪيون. يقين ڪيو! هي اسان جي، معاشري جي ترقي جو اهو راز آهي، جنهن کي اسان اپنايون ته اسان جو معاشرو ڏينهن ۾ ترقي جي بلندين تائين پهچي سگهي ٿو. توهان صحابهءِ ڪرام، تابعين ۽ تبع تابعين جي مبارڪ زماني جي تاريخ پڙهي ڪري ڏسندا! ان وقت مسلمان ڪامياب به هئا، ترقي يافته به هئا، ڇو؟ ان ڪري جو اهي هڪٻئي جا خيرخواھ هئا، هڪٻئي جي ڀلائي چاهڻ وارا هئا ۽ نتيجي ۾ سڀ ئي ترقي ۽ ڪاميابي جي طرف گامزن هئا، جڏهن کان اسان جي دلين ۾ نفرتون، نااتفاقيون، مال ۽ دولت جي محبت آئي، اسان ڏينهون ڏينهن تباهيءَ جي طرف ئي وڌندا وڃي