Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

   اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي گناھن جي آفت ۽ نحوست کان محفوظ فرمائي. غور فرمايو! ڪيتري بدبختي جي ڳالھ آهي. ٿورو تصور ته ڪيو! جنهن پهرين جڳھ نقلي نوٽ دوکي سان هلايو هو، ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اهو پاڻ ته مري وڃي پر ان جو هلايل نقلي نوٽ مارڪيٽ ۾ گهمندو رهي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ان کي قبر ۾ به گناھ پهچندو رهندو. هاءِ! ڪيڏو بدبخت آهي اهو شخص جو قبر ۾ سُتل آهي پر ان جي گناھن جو ميٽر اڃان به جاري آهي.

کرلے توبہ رب کی رحمت ہے بڑی                     قبر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا اسلاف (بزرگانِ دين)، پنهنجي مسلمان ڀائرن جي نفعي ۽ نقصان جو ڪيتري قدر خيال رکندا هئا، اچو! هڪ تمام پيارو ايمان تازو ڪندڙ واقعو ٻڌون ٿا.

ڪوڙو   (کُوٽو) سڪو

   حضرت شيخ ابو عبدُ الله خياط رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ هڪ باھ جو پوڄاري ڪپڙا سبرائيندو هو ۽ هر ڀيري اُجرت ۾ کُوٽو سڪو ڏئي ويندو هو، پاڻ خاموشيءِ سان وٺندا هئا. هڪ ڀيري سندن غير موجودگي ۾ شاگرد باھ جي پوڄاري کان کوٽو سڪو نه ورتو. جڏهن پاڻ واپس تشريف کڻي آيا ۽ معلوم ٿيو ته شاگرد کي فرمايائون: تو کوٽو درهم (چانديءَ جو سڪو) ڇو نه ورتو؟ ڪيئي سالن کان اهو مون کي کوٽو سڪو ئي ڏيندو رهيو آهي ۽ مان به ڄاڻي واڻي وٺندو آهيان ته جيئن هي اهو ئي سڪو ڪنهن ٻئي مسلمان کي نه ڏئي اچي.

 (احیاء العلوم، جلد:3، صفحہ:87 خلاصۃً۔)

   الله پاڪ، اسان کي به انهن عظيم هستين جي اعلٰي سوچ جو صدقو نصيب فرمائي، گناھن جي آفت کان محفوظ فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد