Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

    پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي ٻئي جي ڀلائي...!! ڇا اسان ايئن ڪندا آهيون؟ اسان وٽ ته گِراهڪ ۽ دڪاندار جي جهيڙي جو موضوع ئي ڪجھ ٻيو هوندو آهي، گِراهڪ چاهيندو آهي مان 50 جي شيءِ 10 رپين ۾ خريد ڪيان ۽ دڪاندار چاهيندو آهي ته مان 50 جي شيءِ 100 ۾ وڪڻي ڇڏيان. نه گِراهڪ دڪاندار جي ڀلائي چاهيندو آهي، نه دڪاندار گِراهڪ جو ڀلو سوچيندو آهي، پوءِ نتيجو ڪهڙو نڪرندو آهي؟ دوکي بازي، ماپ تور ۾ گهٽتائي، خيانت ۽ اهڙيون شيون بازار ۾ وڌي رهيون آهن، اسان جي تجارت ڏينهون ڏينهن هيٺ کان هيٺ جي طرف وڃي رهي آهي ۽ مسلمان سڄي دنيا  ۾ پَستيءَ جي طرف وڌي رهيا آهن.

  اسان کي هي شيون سمجهڻ گهرجن! اڄ موقعو آهي، اسان کي سڌري وڃڻ گهرجي! الله پاڪ اسان کي خريداري ۽ وڪري جي باري ۾ گناھن کان بچڻ ۽ صاف شفاف، خيرخواهي واري تجارت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

شعبه رابطه براءِ تاجران  جو مختصر تعارف

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! نمازِ باجماعت جي اهميت ٻڌائڻ، سنّتن جي تربيت ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي مختلف شعبن ۾ ديني ڪم ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شعبو رابطه براءِ تاجران به آهي، تجارت هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو هر ملڪ ۾ ڪرنگھي جي هَڏي جي حيثيت رکندو آهي، بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جي معشيت جو دارومدار تجارت تي هوندو آهي، پر بدقسمتي سان علمِ دين کان دوري جي سبب اڄ مسلمانن جو هڪ تعداد تجارت جي اسلامي سونهري اصولن تي عمل ڪرڻ کان پري آهي. جڏهن ته عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هي شعبو قيام عمل ۾ آيو *