Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

به تقوٰي جي دولت ملي، اسان گناھن کان بچون ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت                                  کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا        یااللہ!  مری  جھولی  بھر  دے

(وسائلِ بخشش،صفحہ:123۔)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خريداري  ۽  وِڪري  ۾ احتياط  ڪريو!

   اي عاشقانِ رسول! اسان حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ايمان افروز ۽ سبق آموز واقعو ٻڌو، ان مان اسان کي خبر پئي ٿي ته دين ۾ خريداري ۽  وڪري جي ڪيڏي اهميت آهي. ٿورو غور فرمائيندا! حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ولايت جي بلند ترين مرتبي ۽ مقام تي فائز هئا، سندن انهيءَ مقام ۽ مرتبي جي ڪري پاڻ کي سلطان ابراهيم به چيو ويندو آهي، ايڏي وڏي ڪامل ولي کان خريداري جي دوران اهو به بي خبريءَ ۾ صرف هڪ خطا ٿي وئي، زمين تي ڪِريل کُجور جيڪا انهن جي نه هُئي، دڪاندار جي هئي پر سندن پنهنجي سمجهي ڪري کڻي ورتي، ان هڪ کُجور جي ڪري سندن درجات ۾ گهٽتائي ڪئي وئي.

  هاءِ! اڄ ڪلھ اسان وٽ ته حال ئي بي حال آهي * ماڻهو بنا پڇڻ جي ٻين جون شيون ڦٻائي وٺندا آهن * گِراهڪ دڪاندار کي ۽ دڪاندار گِراهڪن کي دوکو