Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

جيڪڏهن ٻين کي دوکو ڏئي ڪري مال وڪڻڻ جي گناھ ۾ مبتلا ٿيا آهيون ته ان کان توبھ ڪيون، جنهن جنهن کي دوکو ڏنو آهي، ان کان حق معاف ڪرايون. خدا جو قَسم! جيڪڏهن الله پاڪ ۽ ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناراض ٿي ويا ته ڪٿان جا نه رهنداسين.

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی                       ہائے! میں نارِجَہنَّم میں جلوں گا یارب!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سامان جي عيب لِڪائڻ جو  عذاب

   صحابيءِ رسول حضرت واثله بن اَسۡقَع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: جيڪو عيب دار شيءِ جو عيب ٻڌائڻ جي بغير وڪڻي ڇڏي، اهو الله پاڪ جي ناراضگي ۾ رهندو آهي ۽ ملائڪ ان تي لعنت ڪندا رهندا آهن.

 (ابنِ ماجہ، کتاب :التجارات، باب: من باع عیباً ،صفحہ:359،حدیث:2247۔)

شيءِ جو عيب بيان ڪري ڇڏيو!

   جيڪڏهن ڪنهن شيءِ ۾ عيب هجي ۽ اسان ان کي وڪڻڻ چاهيندا هجون ته ان جو آسان حل هيءُ ئي آهي ته خريد ڪرڻ واري کي ان جو عيب ٻڌائي ڇڏيون، عيب ڄاڻي وٺڻ کان بعد به هو خريد ڪرڻ چاهي ته خوشيءَ سان خريد ڪري، نه ته ڇڏي ڏي. اسان جا بزرگانِ دين ايئن ئي ڪندا هئا. بهرحال حضرت محمد بن سيرين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي متعلق منقول آهي: هڪ ڀيري سندن هڪ ٻڪري وڪڻي ته خريدار کي فرمايائون: مان هن ٻڪريءَ جي عيب جي باري ۾ تو کان بَري آهيان ۽ اهو عيب هي آهي ته هيءَ گاھ کي پيرن سان اُبتو (خراب) ڪري ڇڏيندي آهي.

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب و المعاش،باب الثالث : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:98)