Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

عيب ٻڌائڻ واجب آهي

   امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: شيءِ وڪڻڻ وقت ان جا عيب ٻڌائي ڪري مسلمان ڀاءُ جي خيرخواهي ڪرڻ واجب آهي. (احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الثالث: فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:96 بتغیر قلیل)  هڪ ڀيري پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بازار تشريف کڻي ويا، ڪنهن دڪان تي (اَنُ، جَوَ يا ڪنهن ٻئي) شيءِ جي اناجَ جو ڍير هو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو اناج پسند آيو، لهٰذا پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو هٿ مبارڪ ان اناج جي اندر داخل فرمايو ته هيٺان وارو اناج آلو (Wet) هو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دڪاندار کان پڇيو: مَا هَذا يعني هي ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو: اَصَابَتْہُ السَّمَآءُ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! بارش جي سبب اناج آلو ٿي ويو هو. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪڏهن ايئن هو ته تو آلي اناج کي مٿي ڇونه رکيو ته جيئن ماڻهو ان کي ڏسي وٺن ها (ڪنهن کي دوکو نه ٿئي ها، ياد رکو!) مَنْ غَشَّ فَلَيْسَ مِنِّي جنهن دوکو ڏنو اهو مون مان ناهي.

(مسلم ،کتاب: الایمان ،باب :قول النبی صلی اللہ علیہ و سلم: من غشنافلیس منا،صفحہ :57،حدیث:102)

 پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏي سخت وعيد آهي، اسان عاجز ۽ لاچار، سراپا گنھگار ٻانها، هڪ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت جو ئي ته سهارو آهي، انهيءَ شفاعت جي صدقي ته جنّت نصيب ٿيندي، الله نه ڪري هن مختصر زندگيءَ ۾ مال جي لالچ ۾ اچي ڪري مسلمان ڀائرن کي دوکو ڏئي ڪري شين جا عيب لِڪائي ڪري وڪڻندا رهياسين ۽ ان گناھ جي نحوست سان رسولِ خدا، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان ناراض ٿي ويا ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي ڇڏيو ته جيڪو اسان جي اُمَّتين کي دوکو ڏيندو هو، اسان جو ان سان ۽ ان جو اسان سان ڪو تعلق ناهي ته ڪيڏانهن وينداسين؟ ان ڪري اڄ موقعو آهي،