Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪري ڇڏي آهي، هي ايپليڪيشن ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو، ان جي ذريعي روزانو پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، غور ۽ فڪر سان ان جا خانا پُر ڪيو ۽ ڪارڪردگي جمع ڪرايو. هي ايپليڪيشن پاڻ به ڊاؤن لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو. اچو! نيڪ اعمال اپنائڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

ٻار جو شوقِ عبادت

   الحمد لله! دعوتِ اسلامي Special Persons (سپيشل پرسنز) يعني گونگن ٻوڙن، نابين اسلامي ڀائرن ۾ به نيڪي جي دعوت عام ڪندي آهي، هڪ ڀيري ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاء اشارن جي زبان (Sign Language) ۾ بيان ڪندي چيو: جيڪو ڪثرت سان عبادت ڪندو ۽ نوافل پڙهندو آهي، الله پاڪ ان کي پسند فرمائيندو آهي. ان اجتماع ۾ هڪ ٻار پنهنجي والد صاحب سان گڏ آيل هو، هي ٻار گونگو هو، مبلغ اسلامي ڀاءُ جو بيان ان جي دل تي اثر ڪري ويو، بهرحال بيان کان بعد جڏهن آرام جو وقفو ٿيو ته رات جو تقريباً 2 وڳي ڏٺو ويو ته اهو ئي ٻار نوافل پڙهڻ ۾ مصروف آهي، ان کان پڇيو ويو ته آڌي رات جو نوافل ڇو پڙهي رهيو آهين، چيائين: مان الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو بڻجڻ چاهيان ٿو. بعد ۾ ان ٻار جي والد صاحب ٻڌايو: اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! منهنجو پٽ نيڪ اعمال تي عمل ڪندو آهي، پنج ئي نمازون پڙهندو آهي ۽ ان جي برڪت سان گهر وارا نمازي بڻجي ويا آهن.

مدنی انعامات کی بھی مرحباکیابات ہے                  قُرْبِ حق کے طالبوں کے واسطے سوغات ہے

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هاڻي مدني انعامات کي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد