Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

الله پاڪ اسان کي خريداري ۽ وڪري جي معاملي ۾ احتياط ڪرڻ، ايمانداري اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

خريداري ۽ وڪري جا  احڪامَ سکي وٺو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! تجارت يا خريداري ۽ وڪرو هڪ مشڪل موضوع آهي، ان جا تمام باريڪ احڪامَ ۽ مسائلَ آهن، ظاهر آهي مختصر بيان ۾ هي سڀئي احڪامَ ۽ مسائلَ  ذڪر نه ٿا ٿي سگهن. البت جيڪو  واپاري  آهي، ان تي واپار جا، جيڪو دڪاندار آهي، ان تي دڪانداريءَ جا ۽ جيڪو خريدار آهي، ان تي خريداريءَ جا ضروري احڪامَ سکڻ فرض آهي، الحمد لله! * دارالافتاء اهلِ سنّت موبائل ايپليڪيشن موجود آهي، ان ۾ ٻي به ڪافي ديني معلومات سان گڏوگڏ پورو تجارت ڪورس به الڳ سان شامل ڪيو ويو آهي ان کان علاوه خريداري ۽ وڪري جي باري ۾ فتاوٰي جات به موجود آهن، هي ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو! * ان کان علاوه مدني چينل تي هڪ هفتيوار پروگرام هلندو آهي جنهن جو نالو آهي: احڪامِ تجارت هي پروگرام ٻڌندا، ڏسندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! خريداري ۽ وڪري ۽ جديد مارڪيٽنگ بابت ڪافي معلومات حاصل ٿيندي * بهارِ شريعت، جلد: 2 حصو: 11 خريداري ۽ وڪري جو بيان پڙهي وٺو! ان مان به خريداري ۽ وڪري جا ڪافي احڪامَ ۽ مسائل سکڻ جي لاءِ ملندا * 62 صفحن تي مُشتمل  هڪ پيارو رسالو: تاجِرن جي لاءِ ڪم جون ڳالهيون مڪتبةُ المدينه تان خريد فرمايو ۽ پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! خريداري ۽ وڪري  جي باري ۾  گهڻو ڪجھ سکڻ جي لاءِ ملندو هڪ ٻيو مشورو آهي: دارُ الافتاء اهلِ سنّت جو نمبر پاڻ وٽ ضرور محفوظ