Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

اهو معاف ڪرائڻ رهجي ويو هو، ان جي ڪري اڃان تائين جنّت کان روڪيو ويو آهيان.

(تَنْبِیْہُ الْمُغْتَرّین ،صفحہ:47 ۔)

سلسلہ آہ! گُنَاہوں کا بڑھا جاتا ہے                        نِت نیا جُرم ہر اک آن ہوا جاتا ہے

لاؤں وہ اشک کہاں سے جو سیاہی دھوئیں           گندگی میں مرا دِل حد سے بڑھا جاتا ہے

امتحاں کے کہاں قابِل ہوں میں پیارے اللہ بےسبب بخش دے مولیٰ ترا کیا جاتا ہے

(وسائل بخشش، صفحہ:432-433ملتقطاً۔)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دين ۾ خريداري ۽ وڪري  جي اهميت

  اي عاشقانِ رسول! دين ۾ خريداري ۽ وڪري جي وڏي اهميت آهي، ظاهر آهي خريداري ۽ وڪري ۾ بي احتياطي ڪرڻ ٻين جو مال ناحق کائڻ يعني پنهنجو پيٽ حرام سان ڀرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان ڪري محتاط رهي ڪري، نهايت ايمانداريءَ سان خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ تمام ضروري آهي. ان جي اهميت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائيندا ته اسان جي وجود ۾ سڀني کان اهم عضوو اسان جي دل آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:

اَلَا وَ اِنَّ فِی الْجَسَدِ مُضْغَۃً، اِذَا صَلَحَتْ صَلَحَ الْجَسَدُ کُلُّہٗ وَ اِذَا فَسَدَتْ فَسَدَ الْجَسَدُ کُلُّہٗ اَلَا وَہِیَ الْقَلْبُ

 ٻڌي وٺو! بيشڪ جسم هڪ رت جو دِڳُ آهي، جڏهن اهو ٺيڪ ٿي وڃي ته سڄو جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي، جڏهن اهو رت جو دِڳُ خراب ٿي وڃي ته  سڄو جسم خراب ٿي ويندو آهي، ٻڌو...!! اهو رت جو دِڳُ دل آهي.

(بخاری ،کتاب: الایمان،صفحہ:84 ، حديث:52  ۔)