Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

خرابي آهي ان جي لاءِ جيڪو هڪ داڻي جي بدلي اهڙي جنّت وڪڻي ٿو جنهن جي ويڪر زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ آهي، ڪيتري نقصان ۾ آهي اهو شخص جيڪو وَيۡل (يعني جهنّم) جي بدلي طُوبٰي (يعني جنّت) کي وڪڻي ڇڏي ٿو.

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الثالث : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:99۔)

  الله پاڪ اسان کي ماپڻ تورڻ ۾ خيانت جي گناھ کان محفوظ فرمائي! ڪاش! دل مان دنيا جي محبت نڪري وڃي، يقين ڪيو! هي صرف مال جي محبت آهي جيڪا ٻانهن کي طرح طرح جي گناھن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. ڪاش! دل مان دنيا جي لالچ ئي ختم ٿي وڃي ته ڪافي گناھن کان بچي وينداسين.

دل سے مِرے دنیا کی مَحبَّت نہیں جاتی                سرکار! گناہوں کی بھی عادت نہیں جاتی

دن رات مسلسل ہے گناہوں کا تسلسل    کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی

(وسائلِ بخشش ،صفحہ:382۔)

ماپڻ تورڻ ۾  گهٽتائي جون ڪجھ صورتون

   امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: * شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ به ماپ تور جي خيانت ۾ شامل آهي * اهڙيءَ طرح ڪاسائي جيڪي گوشت سان گڏ اهڙيون هڏيون به توريندا آهن جو جن هڏين جو تورڻ عرف جي خلاف آهي، اهڙيءَ طرح جيڪو ڪپڙو خريد ڪرڻ وقت ڪپڙي کي ڍرو ڪري ماپيندو آهي هي به ماپ تور ۾ خيانت آهي پر وڪڻڻ وقت خوب چڪي ڪري ماپيندو آهي ته جيئن ڪپڙي جي مقدار ۾ فرق اچي وڃي، هي به ماپڻ ۾ گهٽتائي جي ئي صورت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي جهنّم جو حقدار بڻائي ڇڏيندي آهي. 

  (احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب و المعاش،باب الثالث : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:100ملتقطًا۔)

(3) ڪوڙ  ۽  ڪوڙي قَسم کان بچو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! خريداري ۽ وڪري  جون اهي ضروري احتياطيون جنهن کي هميشه ملحوظ رکڻ گهرجي، انهن مان هڪ هي به آهي ته ڪا به شيءِ خريد