Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ڏئي رهيا هوندا آهن * ڪڏهن نوٽن جي دستي ۾ نقلي نوٽ لڪائي ڪري دڪاندار کي پڪڙائي ڇڏيندا آهن دڪاندار جون شيون کڻي ڪري ناحق کاڌيون وينديون آهن * سبزين ۽ فروٽ جي گاڏن تان خاموشيءَ سان ڪجھ نه ڪجھ کڻي ڪري پنهنجي ٽوڪريءَ ۾ وجهي وٺندا آهن. هڪٻئي جا جوتا ٻغير اجازت جي استعمال ڪرڻ، يا پنهنجا جوتا رکي ٻئي جا جوتا پائڻ  کي ته شايد بُرو ئي ناهي سمجهيو ويندو، هي تمام تڪليف ڏيندڙ معاملو آهي، روزانو جا ڪيئي ٻيا به اهڙا معاملا آهن جن ۾ بنا اجازتِ شرعي ٻين جون شيون استعمال ڪرڻ ڪو عيب ناهي سمجهيو ويندو، ڪڏهن ڪڏهن دڪاندار هڪٻئي جون شيون چپ چاپ کڻي ڪري استعمال به ڪندا رهندا آهن ۽ سامهون واري کي خبر به نه پوندي هوندي، اهڙن نادانن کي سمجهڻ گهرجي، عبرت وٺڻ گهرجي، ظاهري طور تي معمولي نظر اچڻ واري شيءِ به جيڪڏهن بغير اجازت جي استعمال ڪري ڇڏي ۽ قيامت جي ڏينهن پڪڙيا وياسين ته اسان جو ڇا ٿيندو؟

خِلال جو وبال

   مشهور تابعي بزرگ حضرت وهب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، ان پنهنجي گذريل تمام گناھن کان توبھ ڪئي، 70 سالن تائين لڳاتار هن طرح عبادت ڪندو رهيو جو ڏينهن جو روزو رکندو ۽ رات جو جاڳي ڪري عبادت ڪندو هو، نه ڪا عمده غذا کائيندو هو، نه ڪنهن ڇانوَ جي هيٺان آرام ڪندو هو. جڏهن ان عبادت گذار جو انتقال ٿيو ته ڪنهن خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مَا فَعَلَ اللہ بِکَ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائون: الله پاڪ منهنجو حساب ورتو، پوءِ سمورا گناھ بخشي ڇڏيا پر هڪ تِيلو جنهن سان مون ان جي مالڪ جي اجازت جي بغير ڏندن ۾ خِلال ڪيو هو،