Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

خريدار ريٽ گهٽ ڪرائڻ جي لاءِ ۽ دڪاندار ريٽ گهٽ نه ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا بلڪه ڪجھ ته ڪوڙا قسم به کڻي وٺندا آهن، هي گناھ ۽ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.

 ڪاش! اسان خريد و فروخت ۽ ٻين تمام معاملن ۾ شريعت جا پيروڪار ۽ سنّت جا آئينه دار بڻجي وڃون. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

سادَگی چاہئے، عاجزِی چاہئے                              لینے یہ نعمتیں، قافِلے میں چلو

عاشِقانِ رسول، آئے سُنّت کے پھول   دینے  لینے  چلیں،  قافلے  میں  چلو

(وسائل بخشش، صفحہ:671)

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد