Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي کان بچو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! خريداري ۽ وڪري جي دوران اهو به ضروري آهي ته وڪڻڻ وارو پوري پوري ماپ تور ڪري، ان ۾ گهٽتائي نه ڪري ۽ جيڪو خريد ڪرڻ وارو آهي، ان تي لازم آهي ته رقم پوري ادا ڪري، دوکي سان گهٽ رقم ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري.

   هي عيب ته اسان جي بازارن ۾ تمام عام ٿيندو پيو وڃي، هڪ هڪ، ٻه، ٻه روپيا ڪري شايد روزانو ڪروڙين اربين رپين جي دانڌلي خريداري ۽ وڪري  ۾ ڪئي ويندي هوندي. دوکو ڏيڻ، ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي ۽ دوکي جا هڪ کان هڪ جديد طريقا ماڻهو ڪڍندا آهن. هي ڪجھ سڪن جي لالچ الله نه ڪري جهنّم ۾ وڃڻ جو سبب بڻجي وئي ته سوچو! اسان جو ڇا ٿيندو؟

ماپڻ تورڻ  ۾   گهٽتائي ڪرڻ  وارؤ!  سڌري وڃو!

   الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَیۡلٌ   لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ(۱) الَّذِیۡنَ  اِذَا  اکۡتَالُوۡا عَلَی النَّاسِ یَسۡتَوۡفُوۡنَ ۫  (ۖ۲) وَ  اِذَا کَالُوۡھُمۡ  اَوۡ وَّزَنُوۡھُمۡ  یُخۡسِرُوۡنَ (ؕ۳)

(سيپارو: 30 سورة مطففين: 1کان 3)

ترجموڪنزالعرفان:گهٽ تورڻ وارن جي لاءِ خرابي آهي اهي ماڻهو جو جڏهن ٻين ماڻهن کان ماپي وٺن ته پورو وصول ڪن ۽ جڏهن هو انهن کي ماپي يا توري ڏين ته گهٽ ڪري ڏين.

 تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: ماپ تور نهايت اهم معاملو آهي. تقريباً تمام ماڻهن جو وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ سان واسطو پوندو آهي ۽ گهڻي قدر شيون وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ انهن کي ماپڻ ۽ تورڻ تي مَبني آهي، (ان ڪري قرآنِ ڪريم ۾ ڪيئي مقامن تي ان جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي). صحيح ماپڻ ۽ تورڻ جو انجام دنيا ۾ به بهتر ٿيندو آهي جو * ان سان ماڻهن جو اعتبار قائم رهندو آهي *