Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

تجارت ۾ خوب اضافو ٿيندو آهي * ۽ رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي.  ۽  آخرت ۾ به يقيناً بهتر ٿيندي جو * هن حوالي سان ماڻهن جو ان تي ڪو حق نه هوندو ۽ ايئن ماڻهو پنهنجو حق طلب ڪرڻ جي لاءِ ان کي نه پڪڙيندا * هي حرام رزق کائڻ ۽ کارائڻ جي عذاب کان بچي ويندو * ۽ ان جا نيڪ اعمال محفوظ رهندا * ۽ جيڪي ماڻهو ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي ڪندا آهن، انهن جي لاءِ سخت ۽ دردناڪ عذابَ آهن.

)تفسیر صراط الجنان ،پارہ:30 ،سورۂ مطففین ،زیرِ آیت:1 تا3 ،جلد:10  ،صفحہ:571 -572 ملتقطًا)

ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي جو وبال

   هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: مان هڪ پاڙي واري جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ ويس، جيڪو اَناج جو واپار ڪندو هو، جڏهن مان ان جي ڀَرِ ۾ ويٺُس ته ان کي باربار هي چوندي ٻڌو: باھ جا 2 پهاڙ، باھ جا 2 پهاڙ. جڏهن مون ان جي گهروارن کان ان جي باري ۾ پڇيو، ته انهن ٻڌايو ته ان وٽ اناج ماپڻ جا ٻه ماپا هئا، جڏهن هيءُ ڪنهن کان اَنُ خريد ڪندو هو ته ان کي وڏي پيماني سان ماپيندو هو ۽ جڏهن ڪنهن کي وڪڻندو ته ننڍي پيماني سان ماپي ڪري ڏيندو هو. اهو بزرگ فرمائي ٿو: پوءِ مان سمجهي ويس ته اهي ئي 2 ٿانوَ ان کي باھ جي پهاڙن جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن.

 (بَحْرُ الدُّمُوْع ، الترہیب من الخیانۃ فی المیزان،صفحہ:182)

 الله پاڪ جي پناھ...!! الله پاڪ جي پناھ...!! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! جيڪڏهن ڪو شخص ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي ڪندو به هجي ته اهو سڄي ڏينهن ۾ گهڻو ڪمائي وٺندو هوندو؟ اهي ئي ڪجھ سؤ يا ڪجھ هزار رپيا، پر انهن عارضي، فاني ڪجھ سڪن جو وبال ته ڏسو! نزع ۾ به مُشڪلات، قبر ۾ به عذاب، حشر ۾ به عذاب ۽ جهنّم جي حقداري ان کان علاوه آهي. هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي عادت هئي ته پاڻ جڏهن به ڪا شيءِ خريد ڪندا هئا ته اڌ داڻو گهٽ وٺندا هئا ۽ جڏهن ڪا شيءِ وڪڻندا ته هڪ داڻو وڌيڪ ڏيندا ۽ فرمائيندا هئا: