Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

سگهي؟ معلوم ٿيو ته اَصل ۾ زاهِد، دنيا کان ڪنارو ڪرڻ وارو، دنيا جي محبت کان بچڻ وارو، مُتقي پرهيزگار اهو ئي آهي جيڪو خريداري ۽ وڪري ۾ شرعي احتياط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. بازار اصل ۾ اها جڳھ آهي جتي دنيا ۽ مال ۽ دولت جي محبت پنهنجو رنگ ڏيکاريندي آهي، پهاڙن ۽ غارن ۾ اڪيلو رهي ڪري عبادت ڪري وٺڻ ڪجھ آسان آهي پر بازار ۾ جڏهن شيطان پوري لشڪر سان گڏ حملو ڪري رهيو هجي، نفسِ امّاره ورغلائيندو هجي، مال ۽ دولت جي محبت زور پڪڙي رهي هجي، ان وقت نفس ۽ شيطان جي حملن کان بچي ڪري پوري ايمانداري ۽ شرعي احڪامن جي پاسداري ڪرڻ تمام مشڪل آهي، لهٰذا اصل زاهِد، دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارو اهو ئي آهي جيڪو دنيا ۾ لهي ڪري به پنهنجي دل کي دنيا کان بچائي وٺندو هجي.

خريداري ۽ وڪرو هڪ ڪسوٽي آهي

   حُجَّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: خريداري ۽ وڪرو هڪ ڪسوٽي آهي، ان جي ذريعي ماڻهوءَ جي دين ۽ پرهيزگاري کي آزمايو ويندو آهي. ڪنهن عربي شاعر چيو آهي:

لَایَغُرَّنَّکَ مِنَ الْمَرْءِ قَمِیْصٌ رَّقَّعَہ                                                                                    اَوْ اِزَارٌ فَوْقَ کَعْبِ السَّاقِ مِنْ رَّفْعِہ

اَوْ جَبِیْنٌ لَّاحَ فِیْہِ اَثْرٌ قَدْ قَلَعَہ                                                                                                    وَلَدَی الدِّرْھَمِ فَانْظُرْ غَیَّہُ اَوْ وَرْعَہ

ترجمو: يعني ڪنهن چَتي لڳل قميض، ڀيڏين کان مٿي شلوار، پيشانيءَ جي چمڪ ۽ مٿي تي سجدن جو نشان توکي دوکي ۾ نه وجھي، جيڪڏهن ڪنهن جي تقوٰي ۽ پرهيزگاري کي ڏسڻو آهي ته دِرهم ۽ دينار (مثال طور مال ۽ دولت جي ڏي وٺ) جي وقت ان کي پَرۡک (ان جي دين ۽ تقوٰي جو امتحان ٿي ويندو).

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الرابع: فی  الاحسان فی معاملہ،جلد:2،صفحہ:105۔)