Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

رهيا آهيون. خدارا! اسان پنهنجي حال تي غور ڪيون ۽ حديث پاڪ ۾ ٻڌايل ان عظيمُ الشّان مدني گل کي عملي طور تي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪري وٺون جو ڪامل مسلمان اهو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري، اهوئي ٻئي جي لاءِ به پسند ڪري.

سودو نه ٿيڻ جي عجيب وجھ

   حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي آهن،  پاڻ واپار ڪندا هئا، هڪ ڀيري  پاڻ وڪڻڻ جي لاءِ 60 دينار (سون جي سڪن) جي بدلي بادام خريد ڪيا ۽ پنهنجي روزنامچي ۾ لکي ڇڏيو ته مان هي بادام! 63 دينار ۾ وڪڻندُس. ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد بادام مهانگا ٿي ويا، اهي ئي بادام جيڪي پاڻ 60 دينار جا خريد ڪيا هئا، انهن جي قيمت 90 دينار ٿي وئي. هڪ ڏينهن سندن وٽ هڪ شخص آيو: چيائين بادام خريد ڪرڻا آهن، فرمايائون: وٺو! پڇيائين: ڪيتري جا آهي؟ فرمايائون: 63 دينار جا. گِراهڪ به نيڪ ماڻهو هو، ان چيو: هنن بادامن جي قيمت بازار ۾ ته 90 دينار ٿي چڪي آهي. حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: مون پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته هنن بادامن تي 3 دينار ئي نفعو ڪمائيندُس، لهٰذا مارڪيٽ ۾ هنن جي قيمت ڪيتري به آهي، مون 60 دينار جا خريد ڪيا هئا، هاڻي 63 دينار ۾ ئي وڪڻندُس.

  هاڻي گِراهڪ چوي ٿو: مان ته 90 دينار ۾ خريد ڪندُس. حضرت سرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي رهيا آهن: مان 63 دينار ۾ ئي وڪڻندُس، ٻئي هڪٻئي جا خيرخواھ هئا جو انهن ٻنهي جو سودو ئي نه ٿي سگهيو، گِراهڪ چاهي ٿو: دڪاندار کي نفعو پهچي، دڪاندار چاهي ٿو گِراهڪ جو ڀلو ٿي وڃي، بس انهيءَ تقرار ۾ نه گِراهڪ بادام خريد ڪيا، نه حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڪڻيا، آخر ڪار گِراهڪ خالي هٿين ئي واپس هليو ويو.

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب ،باب الرابع : فی بیان العدل ،جلد:2،صفحہ:102 بتغیر قلیل)

اُمّتِ محبوب کا یاربّ بنا دے خیر خواہ                    نفس کی  خاطِر کسی سے دل میں  میرے  ہو  نہ  بَیر