Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

جنهن جو ڪم تجارت جي شعبي سان وابسته ماڻهن کي تجارت جي متعلق اسلامي تعليمات کان واقف ڪرائڻ آهي، ان شعبي ۾ لڌيون ويندڙ خرابين کان بچي ڪري پاڪيزه زندگي گذارڻ جي سوچ ڏني ويندي آهي * نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ڪندي، مدني مقصد جي حصول ۽ بازارن ۾ مدني ماحول بنائڻ جي لاءِ مسجد يا ڪنهن به مناسب مقام تي مدني درس ڏيڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، * درس کان علاوه مختلف وقتن ۾ تجارت ڪورسز ڪرائڻ جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي * مدني چينل تي هڪ سلسلو احڪامِ تجارت به ٿيندو آهي، جنهن ۾ تجارت جا احڪام ٻڌايا ويندا آهن * وڏين وڏين مارڪيٽن، شاپنگ مالز وغيره ۾ مدرسةُ المدينه بالغان جو اهتمام ڪيو ويندو آهي جتي خاص طور تي وڏي عمر جي تاجرن، دڪاندارن، ڪاروباري حضرات کي فيضانِ قرآن سان روشن ۽ منور ڪرڻ جي لاءِ درست مخارج سان گڏوگڏ قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي * اهل محبت مِل/فيڪٽري مالڪان (Factory Owners) کي مدني قافلن ۾ سفر جو ذهن ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحت ڪم ڪرڻ وارن ملازمن کي به هر مهيني مدني قافلي ۾ سفر جي ترغيب ڏياري ويندي آهي * فيڪٽري/ڪارخاني ۾ مسجد/ جاءِ نماز جو اهتمام ڪيو ويندو آهي ته جيئن هي عاشقانِ رسول به نمازن جي پابندي ڪري سگهن * فيڪٽري/ ڪارخاني جي مسجد/ جاءِ نماز ۾ رمضان جي مهيني ۾ نمازِ تراويح جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي * تاجران کي ماهوار فيضانِ مدينه جو مطالعو ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي سالانه بڪنگ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي * تاجران کي شرعي رهنمائي جي لاءِ دارُ الافتاء اهلِ سنّت سان مربوط رهڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي * تاجران کي مارڪيٽن، شاپنگ مالز وغيره ۾ جزوقتي فيضانِ نماز ڪورس ڪرڻ جي به ترغيب ڏياري ويندي آهي ته جيئن پنهنجا