Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

پرهيزگاري، ڀلائي، سچائي.   (مرآۃ المناجیح ،جلد:4، صفحہ :245۔)

(3): خريداري ۽ وڪري ۾  نرمي ڪرڻ جي فضيلت

  حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رَحِمَ اللَّهُ رَجُلًا سَمْحًا اِذَا بَاعَ، وَ اِذَا اشْتَرَى، وَ اِذَا اقْتَضَى الله پاڪ ان شخص تي رحمتون نازل ڪري جيڪو نرم هجي جڏهن وڪڻي ۽ خريد ڪري ۽ جڏهن تقاضا ڪري.

)بخاری ،کتاب: البیوع ،باب: السہولۃ و السماحۃ،صفحہ :541،حدیث :2076)

  وڪڻڻ ۾ نرمي هيءَ آهي ته گِراهڪ کي گهٽ يا خراب شيءِ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ خريد ڪرڻ ۾ نرمي هيءَ آهي ته قيمت پوري پوري ڏي ۽ چڱي طرح سان ادا ڪري، واپاري (مثلاً دڪاندار) کي پريشان نه ڪري، تقاضا ۾ نرمي هيءَ آهي ته جڏهن ان جو ڪنهن تي قرض هجي ته نرميءَ سان گهري ۽ مجبور مَقروض کي مهلت ڏي، ان تي تنگي نه ڪري جنهن ۾ هي 3 صفتون جمع هجن اهو الله جو مقبول ٻانهو آهي.

(مرآۃ المناجیح ،جلد:4،صفحہ :242)

نفلي عبادت کان افضل عمل

  امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه احياءُ العلوم ۾ فرمائن ٿا: تجارت ۾ راھِ حق تي هلڻ مُستقِل مزاجي سان نفلي عبادت ڪرڻ کان وڌيڪ مُشڪل آهي، ان ڪري هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: اَلتَّاجِرُ الصَّدُوْقُ اَفْضَلُ عِنْدَ اللّٰہِ مِنَ الْمُتَعَبِّدِ يعني سچو واپاري الله پاڪ جي ويجهو عبادت گذار کان افضل آهي.

(احیاءالعلوم،کتاب:آداب الکسب و المعاش،باب الثالث: فی بيان العدل ،جلد:2،صفحہ:95۔)