Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

تي قبضو ڪرڻ بغير نه وڪڻي.   (مسلم ، کتاب البیوع، باب بطلان بیع المبیع، صفحہ:588، حدیث:1525)

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن حديث مان اڄ ڪلھ جا واپاري عبرت حاصل ڪن ته ڪپڙي جو جهاز ٻئي مُلڪ مان هلندو آهي، اڃان ڪراچي بندر گاھ تي پهچندو  به نه آهي جو ڪيئي جڳھ ان جي فروخت نفعي سان ٿي چڪي هوندي آهي، بعد ۾ پوءِ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، بغير ڏسڻ جي ۽ بغير قبضو ڪرڻ جي ڪنهن شيءِ جي تجارت هرگز نه ڪرڻ گهرجي جو هي شرعاً گناھ به آهي ۽ سخت نقصان جو باعث به. (مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:267۔)

(2): ڌوڪو نه ڏيو!

   خريداري ۽ وڪري جو ٻيو احتياط هي آهي ته جڏهن به ڪا شيءِ خريد ڪيو يا وڪڻو ته دوکي ڏيڻ کان بچو، نه وڪڻڻ وارو خريد ڪرڻ واري کي دوکو ڏي، نه خريد ڪرڻ وارو وڪڻڻ واري کي دوکو ڏي بلڪه ٻئي هڪٻئي جي خيرخواهي ڪن، ٻئي هڪٻئي جي ڀلائي گهرن. الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:

اَلْبَيِّعَانِ  فَاِنْ صَدَقَا وَبَيَّنَا بُورِكَ لَهُمَا فِي بَيْعِهِمَا، وَاِنْ كَتَمَا وَكَذَبَا مُحِقَتْ بَرَكَةُ بَيْعِهِمَا

يعني وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ وارا جيڪڏهن سچ ڳالهائين ۽ شيءِ جو عيب (جيڪڏهن هجي ته) بيان ڪن ته  انهن جي سودي ۾ برڪت رکي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن عيبن کي لڪائين ۽ ڪوڙ ڳالهائين ته انهن جي سودي مان برڪت کنئي ويندي آهي.

 (بخاری،کتاب: البیوع،باب:اذا بین البیعان ...الخ،صفحہ:542،حدیث:2079 ملتقطًا)