Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ڇڏي، ڇوته کُجور انهن جي نه بلڪه دڪاندار جي هئي انهن ٻئي جي کُجور کائي ڇڏي هئي، لهٰذا الله پاڪ سندن کي ان درجي تان مُعزول فرمائي ڇڏيو.

 حضرت ابراهيم بن اَدۡهَم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون ملائڪن جي هيءَ گفتگو ٻڌي ته فوراً بصره پهتُس، ان دڪاندار کي سندس کُجور واپس ڪئي ۽ موٽي آيُس. رات ٿي ته ٻيهر مون 2 ملائڪن کي ڏٺو، اهي پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا، هڪَ ٻئي کي چيو: هي اهو ئي ابراهيم بن ادهم آهي، جنهن کُجور جي مالڪَ کي کُجور موٽائي ڏني ته الله پاڪ کيس ٻيهر ساڳيو مقام عطا فرمائي ڇڏيو.

(تفسیر روح البیان،پارہ:4،سورۂ آلِ عمران،زیرِ آیت:179 ، جلد :2،صفحہ :136 ۔)

  الله پاڪ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ . اچو! الله پاڪ جي حضور دعا ڪيون ٿا:

محبّت میں اپنی گُما یااِلٰہی!                                      نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی!

مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر                     کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی!

تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے                         مرے غوث کا واسِطہ یااِلٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ               گُنَاہوں سے ہر دَم بچا یااِلٰہی!

(وسائلِ بخشش، صفحہ :105 ملتقطًا ۔)

اولياءِ ڪرام تي الله پاڪ جي خاص ڪرم نوازي

  اي عاشقانِ رسول! اولياءِ ڪرام جا به نرالا شان آهن...!! هي وڏي مرتبي وارا حضرات گناھن کان معصوم ناهن هوندا البت محفوظ ضرور هوندا آهن،