Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

معصوم صرف انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام ۽  ملائڪ آهن، اولياءِ ڪرام معصوم ناهن، انهن کان به گناھ ٿي سگهن ٿا پر الله پاڪ جي پنهنجي محبوب ٻانهن تي خاص ڪرم نوازي هوندي آهي، انهن کان جيڪڏهن ڄاڻي واڻي يا بي خبريءَ ۾ ڪڏهن ڪا خطا ٿي ئي وڃي ته کين انهن جي خطا کان آگاھ ڪيو ويندو آهي ۽ هي فوراً توبھ ڪري گناھ جي ناپاڪي کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندا آهن.

   الله پاڪ سيپارو: 9، سورة اعراف، آيت: 201 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا اِذَا مَسَّہُمۡ طٰٓئِفٌ مِّنَ الشَّیۡطٰنِ تَذَکَّرُوۡا فَاِذَا ھُمۡ مُّبۡصِرُوۡنَ (۲۰۱)ۚ       (سيپارو: 9، سورة اعراف، آيت: 201)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ پرهيزگارن کي جڏهن شيطان جي طرف کان ڪو خيال ايندو آهي ته اهي (خدا جو حڪم) ياد ڪندا آهن پوءِ انهيءَ وقت انهن جون اکيون کُلي وينديون آهن.

  مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: مومن متقي جي فطرت شيطاني وسوسن ۽ ابليسي خيالن کي قبول ناهي ڪندي، جيڪڏهن مومن کي هي شيون (مثال طور شيطاني وسوسا، ابليسي خيالات، ڄاڻي واڻي ڪري يا بي خبريءَ ۾ ڪا خطا وغيره) پيش اچي وڃن ته الله پاڪ جي طرف کان کين اها خطا ياد ڏياري ويندي آهي، ايئن هي ان ناپاڪي کان پاڻ کي پاڪ ڪري وٺندا آهن. مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا: مومن مُتقي ملائڪن جي جماعت مان آهي جو ان جي ۽ فرشتن جي فطرت هڪ جهڙي آهي، هي حضرات بشري صورت، مَلڪ سِيرت (يعني ڏسڻ ۾ انسان ۽ سيرت ۾ ملائڪ صفت) هوندا آهن.

(تفسیر نعیمی ،پارہ :9 ،سورۂ اعراف،زیرِ آیت :201 ، 202  ،جلد:9،صفحہ:460  بتغیر قلیل۔)

   الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام جو فيضان نصيب فرمائي، ڪاش! اسان کي