Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

ٿيو ۽ ٻڌايائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب! جيڪو توهان تي دُرود پڙهندو، مان ان تي رحمتون نازل فرمائيندُس، جيڪو توهان تي سلام موڪليندو، مان ان تي سلامتي نازل ڪندُس. اُن نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ مون ايڏو ڊگهو سجدو ڪيو. (مسندِ اَحْمَد، جلد:1، صفحہ:522، حدیث:1686)

 الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! * دُرود ڪنهن کي پڙهڻو آهي؟ امّتيءَ کي * رحمت ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي * سلام ڪنهن کي موڪلڻو آهي؟ امّتيءَ * الله ڪريم جي سلامتي ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي * شڪر جو سجدو ڪير ادا ڪري رهيو آهي؟ امّت جي غم ۾ رهڻ  وارو، شفاعت فرمائڻ وارو، امّت کي بخشائڻ وارو، جنّت ۾ پهچائڻ وارو آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ...! سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اندازو لڳايو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي امّت سان ڪيترو پيار آهي. الله! الله! امّت گناھ ڪري، آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راتيون روئي، روئي ڪري گزارين، امّت کي نعمت ملي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شڪر جا سجدا ڪن. اعلٰي حضرت جا ڀاءُ، مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی  محبت       ہے ترکِ  ادب ! ورنہ کہیں ہم  پہ فدا ہو

( ذوقِ نعت، صفحہ:211)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! توهان کي پنهنجن غلامن سان ايڏي محبّت آهي، هي ادب نه آهي نه ته اسان چئون توهان پنهنجن غلامن تي فِدا آهيو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد