Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اَلسَّلَامُ قَبْلَ الْڪَلَامِ؛ سلام ڳالھ ٻولھ کان پهريان آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! * مسلمان سان ملاقات ڪندي وقت سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ * سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت و آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو. * ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ هرهر اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي۔ * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مُقرّب آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. * اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائي ڇڏيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، ۽ اهو جملو لغت جي اعتبار سان به غلط آهي بلڪه ڪي ته معاذالله مذاقاً ايتري تائين بڪندا آهن، اوهان جا ٻار اسان جا غلام. امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فتاوي رضويه جلد 22صفحي 409 تي فرمائن ٿا: گھٽ مان گھٽ اَلسَّلَامُ عَلَيڪُمْ ۽


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:الاستئذان، باب:ماجاء فی السلام قبل الکلام، صفحہ:635، حدیث:2699۔