Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

مطلب؛ هن ٻن رُتبن کان عِلاوه سڀئي رُتبا ڪسبي آهن۔ انسان وڏو ٿي جيڪو بڻجڻ چاهي، بڻجي سگھي ٿو، ان جي لاءِ صِرف 3 شين جي ضرورت آهي: (1):يقين (2): جذبو ۽ (3): محنت۔

یقیں مُحْکَم، عَمَلِ  پَیْہَم، محبت فاتِحِ عالَم     جہادِ زندگانی میں یہ ہیں مَردوں کی شمشیریں([1])

 وضاحت: يعني پختو يقين، مسلسل محنت ۽ سچو جذبو، هي ٽي شيون زِندگي جي جنگ ۾ تلوار جو ڪم ڪن ٿيون، جنهن کي اهي ٽي شيون مليل آهن هو ڪڏهن ناڪام ناهي ٿيندو۔

عَلامه تَفتَازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي ڪرم ٿي ويو

عَلَّامه سَعۡدُ الدِّين مَسۡعُود بن عُمر تَفتَازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالِم دِين آهن، دَرسِ نِظامي (يعني عالِم ڪورس) ۾ سندن لکيل ڪيئي ڪتاب پڙهايا ويندا آهن۔ عَلَّامه تَفتَازَاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قاضِي شيرازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ پڙهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪُندذِهن سمجھيا ويندا هئا۔ سندن هم مڪتب (Class Fallow) سندن ڪند ذِهني (ڪمزور ياد داشت) جي ڪري مذاق اُڏائيندا هئا۔ ان جي باوُجُود عَلَّامه تَفتَازَاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه همّت نه هاري ۽ محنت ڪندا ئي رهيا، وڏي ڪوشش ۽ محنت سان سبق ياد ڪندا هئا، وري وسري ويندو هُيو، وري ياد ڪندا هئا، ايئن پاڻ محنت جاري رکيائون۔ هڪ ڀيري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سبق ياد ڪرڻ ۾ مَصرُوف هئا ته هڪ اجنبي شخص اچي چيو: مَسعُود! اُٿ! اسان سير ڪرڻ هلون ٿا۔ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جواب ڏنائون: مون کي گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ پيدا ناهي ڪيو ويو، هونئن به ايترو پڙهڻ جي باوُجُود مون کي ڪجھ سمجھ نٿو اچي، پوءِ مان


 

 



[1]...کلامِ اقبال، بانگِ درا، صفحہ:454۔