Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

هن کان بهتر وَرَحمَۃُ اللهِ ملائڻ ۽ سڀ کان بهتر وَبَرَڪَاتُهٗ شامل ڪرڻ آهي ۽ هن تي زيادت (يعني اضافو) ناهي۔ سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ چيو ته جواب ۾ وَعَلَيْڪُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللهِ چوي ۽ جيڪڏهن سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ وَرَحْمَۃُ الله چيو ته هي وَعَلَيْڪُمُ السَّلَامُ وَرَحمَۃُ الله وَبَرَڪَاتُهٗ چئي ۽ سلام ڪرڻ واري وَبَرَڪَاتُهٗ تائين چيائين ته جواب ڏيڻ وارو به ايترو ئي چوي ان کان زيادت (يعني اضافو) ناهي * سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجِب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي۔ سَلام ۽ سلام جي جَواب جو دُرُست تَلَفُّظ ياد ڪريو۔ پَهريان مان چوان ٿو اوهان ٻڌي دهرايو: اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ (اَسْ۔سَلَا۔مُ۔عَلَيْ۔کُمْ) هاڻي پَهريان مان جَواب ٻڌايان ٿو پوءِ اوهان ان کي دهرايو: وَعَلَيْڪُمُ السَّلَامُ (وَ۔عَ۔لَيْڪُ۔مُسْ۔سَلَام ([1])

رضائے حق کیلئے تم سلام عام کرو    سلامتی کے طلب گارہو سلام کرو

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي۔

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو       سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو    ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:30-32۔