Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل عَمل آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * توجھ سان ٻڌندس* پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس* جيڪو بيان ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اڄ (اسان جي) بيان جو موضوع آهي: اِحسَاسِ ڪمتري۔ * اِحسَاسِ ڪمتري ڇا آهي؟ * هن جا ڪهڙا نقصان آهن؟ * اِحسَاسِ ڪمتري کان بچڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ * دِينِ اسلام هن باري ۾ اسان جي ڪهڙي رهنمائي ڪري ٿو؟ اڄ اسان هن حوالي سان تفصيلي معلومات حاصِل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔

اِحسَاسِ ڪمتري مان ڇا مراد آهي؟

اِحسَاسِ ڪمتري هڪ نفسياتي مرض (يعني دماغي بيماري) آهي، انگلش ۾ هن کي Infiriority Complex چيو ويندو آهي. Complex جي معني آهي:  پوشيده خيال  ۽ Infiriority جي معني آهي: ڪم تَر، حقير. لهٰذا Infiriority Complex جي معني ٿيندي: پاڻ کي حقير، ڪم تَر سمجھڻ بابت پوشيده خيال۔

اِحسَاسِ ڪمتري حقيقت ۾ هڪ ڀيٽ (Comparison) آهي. جڏهن ڪو شخص ٻين


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔