Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

سڄو واقعو ٻڌايو  ته محترم استاد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڻ اشڪبار ٿي ويا۔([1])

مِرے تم خواب میں آؤ، مِرے گھر روشنی ہو گی                                  مِری قسمت جگا جاؤ، عِنایت یہ بڑی ہو گی([2])

 پيارا اسلامي ڀائرو! محنت ڪرڻ وارن خُوش نصيبن تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڪرم نوازيون به  ٿينديون آهن۔ الله پاڪ اسان سڀني کي محنت ڪرڻ وارو بڻائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

بيان جو خُلاصو

اي عاشقانِ رسول! گفتگو جو خُلاصو هي ته اِحسَاسِ ڪمتري نقصان دِه مرض آهي جيڪو ترقي ۽ ڪاميابي جي راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مايوسي ۽ حَسَد جهڙي هلاڪت ۾ وجھڻ وارين باطني بيمارين جو سبب به بڻجي وڃي ٿو۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان هميشه الله پاڪ جي رِضا تي راضِي رهون، شُڪر گذار بڻجون، الله پاڪ جيڪي نعمتون عطا ڪيون آهن، اُنهن تي تَوَجُّھ رکو، جيڪڏهن اسان پنهنجي مَحرُومين تي سوچ ويچار ڪرڻ لڳنداسين ته نقصان ۾ پئجي وينداسين، هميشه الله پاڪ جي ڏنل نعمتن بابت سوچيون، اُن جو شڪر ادا ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! نيڪيون به ملنديون، الله پاڪ چاهيو ته نعمتن ۾ اِضافو به ٿيندو، هن سان گڏ اسان پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻون، زِندگي جو هڪ واضِح مقصد بڻايون ۽ الله پاڪ تي ڀروسو رکي پُوري محنت ڪيون۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! ڪاميابي نصيب ٿيندي ۽ اِحسَاسِ ڪمتري کان نجات ملي ئي ويندي۔


 

 



[1]...حافظہ کیسے مضبوط ہو؟، صفحہ:119-121۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:391۔