Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

نعمتن کي تَوَجُّھ ۾ رکو...!

اڄ دُنيا ۾ غريب ته کوڙ آهن، نادار، ڪنگال به گھڻا آهن پر اهڙو غريب شايد ڳولهڻ سان به نه ملي سگھندو جيڪو هيئن چوندو هجي ته مون وٽ ايمان جي دولت آهي، مان تمام وڏو اَمير آهيان جڏهن ته ايمان سڀ کان وڏي دولت آهي، جيڪڏهن مال ۽ دولت جي اهميت ايمان کان وڌيڪ هجي ها ته قارُون تباھ ۽ برباد نه ٿئي ها، جيڪڏهن طاقت، قُوَّت ۽ بادشاهت جي اهميت ايمان کان وڌيڪ هجي ها ته فرعون غرق نه ٿئي ها، ايمان سڀ کان وڏي دولت آهي، اها ناياب دولت حاصِل ٿيل هوندي آهي، ان جي باوُجُود ماڻهو پنهنجي ظاهري غُربت کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويندا آهن۔

ڪاش! اسان به الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي تَوَجُّھ ۾ رکڻ وارا بڻجي وڃون۔ يقين ڪيو! جيترو اسان پنهنجي محرومين بابت سوچيون ٿا، ايترو ئي جيڪڏهن الله پاڪ جي ڏنل نعمتن بابت سوچڻ شروع ڪيون ته مَحرُومين جو اِحسَاس ئي ختم ٿي وڃي۔ ان ڪري جيڪڏهن اطمينان واري، سڪون واري، خوشين ڀري زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي تَوَجُّھ ۾ رکڻ جي عادت بڻايو۔ مون کي ڇا نه مليو اهو سوچڻ جي بدران اهو سوچيو ته مون کي ڇا ڇا مليو آهي اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! غم دُور ٿي ويندا۔

شڪر ڪرڻ جو فائدو

سيپاري 13سورت ابراهيم جي آيت نمبر 7 ۾ ارشاد آهي:

وَ اِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِیْدَنَّكُمْ وَ لَىٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِیْ لَشَدِیْدٌ(۷)  (پاره13،سورۃابراهيم:7)

ترجَمو ڪنزُالعرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن توهان جي ربّ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن توهان منهنجو شڪر ادا ڪندؤ ته مان توهان کي اڃان وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندؤ ته منهنجو عذاب سخت آهي.