Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

هاڻي رهيو دُنياوي معاملي ۾ احساسِ ڪمتري؛ جيئن ڪو مالدار کي ڏسي پريشان ٿيندو رهي ۽ احساسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندو رهي ته * ان وٽ بنگلو آهي ۽ مون وٽ فليٽ (Flat) آهي * ان وٽ مالڪانه حقوق جو فليٽ آهي ۽ مان ڪرائي تي رهان ٿو * ان وٽ ڪار آهي ۽ مون وٽ موٽر سائيڪل آهي * ان وٽ موٽر سائيڪل آهي ۽ مون وٽ سائيڪل آهي * ان وٽ سائيڪل آهي ۽ مان پيدل سَفَر ڪيان ٿو * هو صحت مند آهي، مان ڪمزور آهيان * هو تندرست آهي ۽ مان بيمار آهيان، ائين ئي پاڻ کان مٿي وارن کي ڏسي جيڪڏهن ڪو اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندو رهي ته ان ۾ فائدو نه آهي، نقصان ئي آهي بلڪ هن طرح  سڙڻ حسد ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو۔

ايئن اِحسَاسِ ڪمتري جون ٻه قسمون آهن؛ (1): دِيني معاملي ۾ عَمَل (يعني نيڪين) جي لحاظ کان اِحسَاسِ ڪمتري؛ اها لازِم آهي، اها هئڻ گھرجي ۽ (2):دنياوي اعتبار سان اِحسَاسِ ڪمتري: هي ڪا سٺي شيء نه آهي.

حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جي دُنيا کان بي رغبتي

شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه وڌيڪ فرمايو: حضرت عيسيٰ رُوح الله عَلَيه السَّلَام وٽ هڪ پيالو هو، پاڻ اهو پيالو به ڇڏي ڏنائون (يعني پاڻ وٽ نه رکيائون) ته هي به دُنيا جو مال آهي، مون کي هي نه گھرجي، مان هٿ سان پاڻي پيندس۔([1])

 يعني ٻين جو مال ڏسي پاڻ مالدار بڻجڻ جا خواب ڏسڻ جي بدران جيڪو ٿورو مال (يعني پيالو) هو، اُهو به پاڻ وٽ نه رکيائون۔ اهڙي طرح ٻين ڪافي بزرگ سڳورن جا واقعا آهن ته اهي پاڻ وٽ ڪجھ به نه رکندا هئا، جيڪو ايندو هو ورهائي ڇڏيندا هئا۔ پاڻ منهنجا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي لاءِ ٻي وقت جي لاءِ بچائي نه رکندا هئا۔ اهڙي طرح ڪيئي اَولياءِ ڪرام جا


 

 



[1]...قُوت القلوب مترجم، جلد:1، صفحہ:22۔