Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

سان پنهنجو تقابُل (ڀيٽ) ڪري  ٿو ته ان جون 2 صُورتون ٿين ٿيون: (1): هڪ ته هي آهي ته ٻانهو پنهنجي ڪا خوبي سامهون رکي پنهنجو تقابُل ڪري مثال طور مون وٽ پيسو آهي، سامهون وارو غريب آهي، مون وٽ گاڏي آهي، سامهون واري وٽ گاڏي نه آهي، مون وٽ سٺا ڪپڙا آهن، سامهون واري وٽ سٺا نه آهن وغيره۔ ڀيٽ جي اها صُورت اِحسَاسِ بُلندي جو سبب بڻجندي آهي (2): ٻي صُورت هي آهي ته ڪو شخص پنهنجي ڪا ڪمي، ڪا مَحرُومي سامهون رکي پنهنجي ڀيٽ ڪري مثال طور فُلاڻو شخص امير آهي، مان غريب آهيان، فُلاڻو مون کان وڌيڪ خُوبصورت آهي وغيره۔ ڀيٽ جي اها صُورت اِحسَاسِ ڪمتري جو سبب بڻجي ٿي۔

اِحسَاسِ بَرتَري (بلندي) هجي يا اِحسَاسِ ڪمتري هي ٻئي نقصان دِه آهن ڇوته اِحساسِ بَرتَري انسان کي تڪبر ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ احساسِ ڪمتري انسان کي مايوسي ۽ حَسَد ڏانهن وٺي ويندي آهي.

اِحسَاسِ ڪمتري جو هڪ بنيادي سبب

اِحسَاسِ ڪمتري ڇو ٿئي ٿي؟ هن جو هڪ تمام وڏو ۽ بنيادي سبب اسان جو معاشرو (Society) آهي، اسان جا رويا (بَرتاء)، اسان جا انداز آهن * اسان وٽ ماڻهو ٻين جو مذاق اُڏائيندا آهن * اُنهن تي اجائي تنقيد ڪندا آهن * جنهن ويچاري جون اکيون نه هجن، ان کي انڌو چئي ان جو مذاق اُڏائيندا آهن * جنهن جون ٽنگون سلامت نه آهن، ان کي منڊو چئي * ڊگھي قد واري کي ڊگهو چئي * ڪاري رنگ واري کي ڪارو چئي انهن جو مذاق اُڏايو ويندو آهي، اهو چوڻ سان سامهون وارو احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي ويندو آهي * والدين پنهنجن ٻارن تي اجائي ڪاوڙ ڪندا آهن، انهن کي هر وقت ڌڙڪا ڏيندا رهن ٿا، انهن جون غلطيون ئي ڪڍندا رهن ٿا، ايئن ڪرڻ سان ٻارن ۾