Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

هجي، فقير هجي، انهن مَحرُومين جي باوُجُود به ان وٽ ڪروڙين ماليت جون نعمتون هر وقت موجود هونديون آهن، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَاؕ-  (پاره:14،سورۃالنحل:18)   

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻيو ته انهن جو شمار ڪري نه سگهندؤ

هن آيت سڳوري تي ٿورو ٿڌي دِل سان غور فرمايو! هي واقعي حقيقت آهي، الله پاڪ اسان سڀني کي ايتريون نعمتون عطا ڪيون آهن جو اسان چاهيندي به ان جي  ڳڻپ ڪري ئي نٿا سگھون، هٿ الله پاڪ جي نعمت، ڪن الله پاڪ جي نعمت، پير الله پاڪ جي نعمت، مٿو الله پاڪ جي نعمت، دِماغ الله پاڪ جي نعمت، جسم جو اندروني  نظام: دِل، جگر، ڦڦڙ، مِعدو، آنڊا، هي سڀ الله پاڪ جون نعمتون ئي ته آهن، انهن سڀني نعمتن جي ڳڻپ ڪرڻ ته رهيو پري، اسان کي ڪڏهن ڪڏهن انهن نعمتن جا نالا به معلوم ناهن هوندا، جي ها! اسان جي جسم جي اندروني نِظام ۾ ڪيترا عضوا اهڙا آهن جن کي اسان استعمال ته ڪري رهيا آهيون پر اسان کي انهن جا نالا تائين به معلوم نه آهن، اهي سڀ الله پاڪ جون نعمتون ئي ته آهن۔

هڪ امير شخص جي سڀ کان وڏي خواهش

هڪ وڏو امير شخص هو، ان جي اکين جا پنبڻ (يعني اها کل جيڪا اکين کي ڍڪي ٿي) ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا، هي پاڻمرادو (Automatic) نظام جيڪو الله پاڪ اسان کي عطا ڪيو آهي، ٿورو ڪو ڪک اڏامي اک جي طرف وڌندو آهي ته اک ازخود بند ٿي ويندي آهي۔

    ان امير شخص کي هي مسئلو ٿيو ته ان جي اکين جي پنبڻن جي رڳن