Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

اُحد جبل جي برابر عمل جي طاقت ڪير رکي سگھي ٿو؟ فرمايائون: توهان سڀئي ان جي طاقت رکو ٿا۔ عرض ڪيو ويو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوڻ اُحد جبل کان وڌيڪ عظمت وارو آهي۔([1]) * حضرت ابو مالڪ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوڻ ميزان کي ڀري ڇڏيندو آهي۔([2]) يعني اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوڻ سان ايترو ثواب ملي ٿو جو قيامت جي ڏينهن جڏهن هي ثواب ميزانِ عَمَل تي رکيو ويندو ته ميزان ڀرجي ويندو۔([3])

الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان شُڪر ڪرڻ ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوندي زبان کي ذِڪرِ اِلٰهي سان تَر رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔          آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

2-پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻو...!

پيارا اسلامي ڀائرو! اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيڻ جو هڪ وڏو ۽ اهم سبب پنهنجي سڃاڻپ نه هئڻ به آهي۔ عام طور اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار اهي ئي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻن نٿا، انهن وٽ زِندگي جو ڪو واضِح مقصد ناهي هوندو۔ ان جو واضِح حَل اهو ئي آهي ته ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻي ۽ زِندگي جو ڪو واضِح مقصد بڻائي۔

جڏهن ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي سمجھي وٺندو آهي، پوءِ اُن صلاحيتن جي مُطَابق پنهنجي زِندگي جو هڪ واضِح مقصد مقرر ڪندو آهي، تڏهن اهو پنهنجي راھ تي هلندو آهي، پوءِ هو ٻين ڏانهن ناهي ڏسندو، بلڪه پنهنجي


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:7، صفحہ:279-280، حدیث:14812۔

[2]...مسلم، کتاب:الطہارۃ، باب، فضل الوضو، صفحہ:106، حدیث:223ملتقطاً۔

[3]...فیض القدیر، جلد:4،صفحہ:384۔