Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

طَور تي ڪامياب انسان جي پويان محنت ۽ مشقت جو ڪيترو وڏو داستان هو۔ اهڙي طرح اسان به جنهن کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي رهيا هوندا آهيون، اسان کي گھرجي ته اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار نه ٿيون بلڪه ان وانگر شوق و ذوق سان، لڳن سان خُوب دِل لڳائي محنت ڪيون، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ڪاميابي اسان جو مقدر ٿيندي۔ ڊاڪٽر اِقبال چوي ٿو:

یہی آئینِ قُدْرت ہے، یہی اُسْلُوبِ فِطْرَت ہے   جو ہے راہِ عَمَل میں گامزن، محبوبِ فِطْرت ہے([1])

 وضاحت: هن دُنيا ۾ قُدرت جو هي قانُون آهي ته اهو شخص فِطرت جو پسنديده آهي، قُدرت انهيءَ کي نوازي ٿي جيڪو محنت ڪري ٿو۔

انسان ۽ جانور ۾ هڪ فرق

    اسان ٿورو غور ڪيون؛ انسانن ۽ جانورن ۾ هڪ وڏو واضِح فرق آهي۔ جانورن کي جيڪو بڻجڻو هوندو آهي، اهي ٿئي ڪري پيدا ٿيندا آهن پر انسان کي جيڪو بڻجڻو هوندو آهي اهو وڏو ٿئي بڻجندو آهي۔ مثال طَور گھوڙو جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته هو گھوڙو ئي رهندو آهي ۽ وڏو ٿي ڪري به گھوڙو ئي رهندو آهي، ڪڏهن اوهان ڏٺو ته گھوڙو وڏو ٿي ڊاڪٽر يا انجينئر وغيره ٿيو هجي؟ ان جي ابتڙ انسان کي ڏسو ته انسان کي جيڪو بڻجڻو هوندو آهي، هو هن دُنيا ۾ اچڻ کان بعد وڏو ٿي بڻجندو آهي۔

صِرف 2 رُتبا آهن جيڪي وَهبِي آهن يعني محنت سان حاصِل نٿا ڪري سگھجن: (1): هڪ نُبُوَّت (2): ٻيو وِلايت۔ هي ٻئي رُتبا الله پاڪ جنهن کي عطا فرمائي، ان کي مِلي سگھن ٿا ۽ نُبُوَّت ته ختم ٿي چڪي آهي، اسان جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد هاڻي قيامت تائين ڪو نئون نبي نه ايندو۔


 

 



[1]...کلامِ اقبال، بانگ درا، صفحہ:97۔