Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

بيڪسن جي غمخوار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ان ذات  جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، عبد الله بن مسعود جون کڙيون ميزانِ عمل تي اُحُد جبل کان وڌيڪ وزني آهن۔([1])

سلام اُس پر کہ جس نے بے کسوں کی دستگیری کی سلام اس پر کہ جس نے بادشاہی میں فقیری کی

 سلام اس پر کہ اسرارِ محبت جس نے سمجھائے  سلام اس پر کہ جس نے زخم کھا کر پھول برسائے

سلام اس پر جو دنیا کے لئے رحمت ہی رحمت ہے   سلام اس پر کہ جس کی ذات فخرِ آدمیت ہے

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله جا ٻانهؤ! پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃو...!

هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيو، ان کي ڪا حاجت هئي ۽ هو بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪرڻ چاهي پيو پر جڏهن هو حُضُور جانِ ڪائنات، فَخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون حاضِر ٿيو ته ان تي جلالتِ نبوت جو رُعب طاري ٿي ويو ۽ هو ڏڪڻ لڳو، ان جي اها حالت ڏسي غم خوار نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پُرسڪون ٿي وڃ...! مان (دُنياوي بادشاهن جھڙو) ظالِم بادشاھ نه آهيان، مان قريش جي اُن عورت جو پٽ آهيان جيڪا مڪي پاڪ ۾ رهندي هئي ۽ سُڪل گوشت کائيندي هئي۔([2])

الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪيو! زبانِ نبوت مان اها مٺي ۽ پياري گفتگو ٻڌي ان شخص جي دِل ڪيتري مطمئن ٿي وئي هوندي، ان جي دِل ۾ عشقِ رسول جا ڪيترا ڏيئا روشن ٿيا هوندا۔ سُبحٰنَ الله! اعليٰ حضرت


 

 



[1]...مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:591، حدیث:4072۔

[2]...المواہب اللدنیہ، جلد:2، صفحہ:101۔