Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

معلوم ٿيو؛ هن دُنيا ۾ هر هڪ جي قابليت ۽ فطري صلاحيتون جُدا آهن، تنهنڪري هر هڪ کي اَسبَاب به جُدا جُدا ملن ٿا۔ هاڻي اسان ٻين کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندا رهون ته فُلاڻي کي اها نعمت ملي، مون کي نه ملي۔ ته ڀاءَ غور فرمايو! ان جي فطرت ئي ٻي آهي، تنهنڪري ان کي نعمتون به جُدا مليون، اوهان جي فطرت ڪجھ ٻي آهي، اوهان کي اوهان جي مطابق نعمتون مليون آهن يا ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي! جنهن جو گھر ڪراچي ۾ آهي هو ڪراچي جي گاڏي ۾ ويٺو آهي، جنهن جو گھر لاهور ۾ آهي اهو لاهور جي گاڏي ۾ ويٺو آهي۔ هن ۾ اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالھ ٿي...؟

لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻون، پوءِ پنهنجي زِندگي جو واضِح مقصد طئي ڪريون ۽ ان مُطَابق محنت ڪرڻ شروع ڪيون۔ اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي۔

پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ وارا ڪي عظيم ماڻهو

ڪروڙين حنفين جا امام، امامِ اعظم، امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا امام آهن، پاڻ پهريان واپار ڪندا هئا، هڪ ڏينهن امام شعبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان سندن مُلاقات ٿي، امام شعبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذهانت ڏٺي ته کين عِلمِ دين سکڻ ۽ عالم سڳورن جي صحبت ۾ ويهڻ جو مشورو ڏنو۔ بَس اهو ئي موقعو هو جو امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه واپار کي ڇڏي عِلمِ دين سکڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويا، ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ ان مقام تي پهتا جو پنهنجي زماني