Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ سندن اکين جو هي پاڻمرادو نِظَام خراب ٿي ويو يعني هو پنهنجي مرضي سان اکيون بند نه ڪري سگھندو هو، دُنيا جو امير ترين شخص هو، لکين ڪروڙين روپيا عِلاج تي خرچ ڪيائين پر شِفا نه ملي۔ هڪ ڀيري ڪنهن ان امير شخص کان پڇيو: جناب! اوهان جي زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟ ان ٿڌو ساھ کڻي چيو: ڪاش! مان پنهنجون اکيون پنهنجي مرضي سان کولي سگھان۔

غور فرمايو! هي الله پاڪ جي ڪيتري وڏي نعمت آهي جيڪا اسان کي مفت ۾ مليل آهي۔ اسان وٽ اَلميو هي آهي ته اسان نادان ماڻهو پنهنجي مَحرُومين کي تَوَجُّھ ۾ رکون ٿا پر الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي تَوَجُّھ ۾ نٿا رکون۔

حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي حڪمت ڀري گفتگو

حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا مشهور وَلِياڻي هئي، وڏي نيڪ، عِبَادت گذار هئي، حضرت محمد بن عَمرو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي گھر مبارڪ جو سڄو سازو سامان 6 شيون هيون: (1): هڪ فراسي (2): هڪ مٽ (3): هڪ پيالو ۽ (4): هڪ ٿلهو اُوني ڪپڙو هو، ان تي پاڻ نماز پڙھنديون هيون ۽ ان تي آرام ڪنديون هيون، (5- 6): تقريباً 2 گز ڊگھي بانس واري هڪ ڪِلي هئي، جنهن تي ڪفن لٽڪيل رهندو هو۔

هڪ ڀيري حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي غُربت ۽ تنگ حالي کي ڏسي عرض ڪيو: اي اُمِّ عَمرو! مان اوهان جي رحم جوڳي حالت ڏسي رهيو آهيان، جيڪڏهن اوهان پنهنجي فلاڻي پاڙيسري وٽ وڃو ته هو اوهان کي اهڙي حال تي نه رهڻ ڏيندو (يعني هو اوهان جي مالي خدمت کي پاڻ لاءِ شرف سمجھندو)۔ ان تي حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا فرمايو: