Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

تفسير صِراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان فرمايو ويو: خبر پئي ته شڪر سان نعمت گھڻي ٿيندي آهي، شڪر جي حقيقت هي آهي ته نعمت ڏيڻ واري جي نعمت جو ان جي تعظيم سان اعتراف ڪري ۽ نفس کي هن شيء جو عادي بڻائي۔ هتي هڪ باريڪ نڪتو هي آهي ته انسان جڏهن الله پاڪ جي نعمتن ۽ ان جي طرح طرح فضل وڪرم ۽ احسان جو مطالعو ڪندو آهي ته ان جي شڪر ۾ مشغول ٿيندو آهي، هن سان نعمتون گھڻيون ٿينديون آهن، ۽ انسان جي دل ۾ الله پاڪ جي محبت وڌندي ويندي آهي، هي مقام تمام مٿانهون آهي ۽ هن کان اعليٰ مقام هي آهي ته نعمت ڏيڻ واري جي محبت ايستائين غالب ٿي وڃي جو دل جو نعمتن جي طرف رجحان باقي نه رهي، هي مقام صِدّيقن جو آهي۔([1])

شڪر جي فضيلت ۽ ناشڪري جي مذمت

آيت جي مناسبت سان شڪر ۽ ناشڪري بابت حديثِ پاڪ ٻُڌو: حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: جنهن کي شڪر ڪرڻ جي توفيق ملي هو نعمت جي زيادتي کان محروم نه ٿيندو، ڇوته الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي: لَئِنْ شَکَرْتُمْ لَاَرِیْدَنَّکُمْ يعني جيڪڏهن توهان منهنجو شڪر ادا ڪندؤ ته مان توهان کي اڃا وڌيڪ عطا ڪندس۔ جنهن کي توبه ڪرڻ جي توفيق عطا ٿي اهو توبه جي قبوليت کان


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:13، سورۃ ابراہیم، زیرآیت:7، جلد:5، صفحہ:153۔