Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

عَلَّامه محمود آلوسي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: لفظ رَبّ جي معني آهي: تَربِيت ڪرڻ وارو ۽ تربيت جي معني آهي: تَبلِيغُ الشَّيءِ اِلٰي ڪَمَالِهٖ بِحَسْبِ اِسْتِعْدَادِہِ الْاَزَلِيّ شَيْئاً فَشَيْئًا يعني ڪنهن شيء کي اُن جي فطري صلاحيتن جي مطابق آهسته آهسته ڪمال واري مرتبي تائين پهچائڻ۔([1]) هاڻي لفظِ رَبّ جي معني هي ٿيندي: هر شيء کي ان جي فطري صلاحيتن جي مطابق ڪمال واري درجي تائين پهچائڻ وارو۔

معلوم ٿيو الله پاڪ هر شيء کي فطري طَور تي جُدا جُدا صلاحيتون عطا ڪيون آهن ۽ هر شيء کي ان جي صلاحيتن جي مطابق ئي ڪمال تائين پهچائي ٿو۔ مثال طور انب جي وڻ تي هميشه انب ئي ٿيندا آهن، انب جي وڻ تي زيتون نه ٿيندو، صوف جي وڻ تي صوف ئي ٿيندا آهن، ان تي انب ناهن ٿيندا، لهٰذا انب جي ککڙي مان انب جو نڪرڻ، وري ان تي انب جو ميوو ٿيڻ، هي رَبُوبِيت آهي۔ ها! جيڪڏهن انب جي وڻ تي انب جي بدران صوف ٿين ته هي الله پاڪ جي قُدرت آهي۔ بهرحال! هن دُنيا ۾ هر هڪ پنهنجي فطري صلاحيتن جي مُطَابق ئي اڳتي وڌي ٿو ۽ ڪمال تائين پهچي ٿو۔

سڀني کي قابليت جي مطابق اسباب ملن ٿا

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڪُلّ مُيَسَّر لِمَا خُلِقَ لَهٗ يعني هر هڪ کي اها شيء مُيسَّر آهي، جنهن جي لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو۔([2])

يعني جنهن کي جيڪا طبيعت عطا ڪئي وئي، جنهن کي فطري طَور تي جيڪا قابليت ڏني وئي آهي، اُن کي ان جي قابليت جي مطابق اَسباب پڻ مهيا ڪيا ويندا آهن۔([3])


 

 



[1]...تفسیرروح المعانی، پارہ:1، سورۃالفاتحه، زیرِ آیت:1، جزء:1، جلد:1، صفحہ:104۔

[2]...ابوداؤد، کتاب:السنۃ، باب:فی القدر، صفحہ:741، حدیث4709۔

[3]...فیض القدیر، جلد:5، صفحہ:45، حدیث:6358۔