Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

صلاحيتن جي بهتري تي تَوَجُّھ ڏيندو آهي۔ هن کي هڪ مِثَال مان سمجھو: هڪ شخص جنهن جو گھر مثال طَور تي ڪراچي ۾ آهي ۽ هو ڪم لاهور ۾ ڪري ٿو، جڏهن ان کي ڪم کان موڪل ملندي آهي ته هو ڪراچي جي گاڏي تي ويهندو آهي ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿي ويندو آهي۔ ڇا اوهان ڪڏهن ڪو اهڙو شخص ڏٺو آهي جنهن جو گھر ته ڪراچي ۾ هجي پر هو اسلام آباد ڏانهن وڃڻ وارن کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويو هجي ته فُلاڻي جي ڇا ڳالھ آهي هو اسلام آباد وڃي رهيو آهي ۽ مان لاچار ڪراچي جي گاڏي ۾ ويٺل آهيان؟ ايئن ناهي ٿيندو، اهڙين ڳالهين ۾ ماڻهو اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ناهن ٿيندا. ڇو ناهن ٿيندا؟ ان ڪري جو انهن کي خبر آهي: منهنجو گھر ڪراچي ۾ آهي، مون کي ڪراچي ئي وڃڻو آهي، تنهنڪري هو ڪنهن به ٻي شهر جي گاڏي ۾ ويٺل مُسَافِر کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ناهي ٿيندو۔ ان ڪري جڏهن اسان پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻينداسين، پنهنجي لاءِ هڪ راھ مقرر ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! اسان پنهنجي راھ ڏانهن ئي هلندا وينداسين، ڪنهن ٻي راھ تي هلڻ واري کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار نه ٿينداسين۔

لفظِ رَبّ جي معنيٰ  ۽ مفهوم

ياد رکو! هن دُنيا ۾ هر انسان جي پنهنجي الڳ اهميت آهي، الله پاڪ هر هڪ کي جُدا جُدا صلاحيتون عطا ڪيون آهن، ان ڪري هر شخص پنهنجي صلاحيتن جي مطابق ئي ڪاميابي ۽ ترقي حاصِل ڪري ٿو۔ ڏسو! الله پاڪ اسان جو رَبّ بلڪ رَبُّ العَالمين آهي، ڇا اوهان کي خبر آهي: رَبّ جي معني ۽ مفهوم ڇا آهي؟ هي وڏو حڪمت ڀريو نڪتو آهي، جيڪڏهن اسان لفظِ رَبّ جي معني سمجھي وٺون ته اِحسَاسِ ڪمتري وارو مسئلو ئي ختم ٿي ويندو۔