Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

سان جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته حقيقت ۾ هي ماڻهو پُوري طرح محنت ڪندا ئي ناهن، ان ڪري هو ناڪام رِهجي ويندا آهن۔ ڪجھ اسلامي ڀائر مبلغن کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي رهيا هوندا آهن۔ مثال طور فُلاڻو اسلامي ڀاءُ بيان گھڻو جاندار ڪن ٿا، مون کي ته دَرس به ڏيڻ نٿو اچي۔ فُلاڻو اسلامي ڀاءُ جتي وڃي ٿو 12 دِيني ڪمن جي ڌُوم مچائي ڇڏي ٿو، مون کان هڪ دِيني ڪم به نٿو ٿي سگھي۔ ايئن اُهي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي رهيا هوندا آهن۔ جيڪڏهن انهن کان پڇيو وڃي ته ڀاءَ! اوهان ڪڏهن دَرس ۽ بيان جي لاءِ محنت ڪئي آهي؟ ته شايد جواب نه ۾ ملندو۔ جيڪڏهن پڇيو وڃي ته اوهان دِيني ڪمن کي روزانو ڪيترو وقت ڏيو ٿا؟ ته شايد ان جو جواب به تَسَلّي بخش نه ملي سگھي۔

مطلب؛ اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندڙ جيڪو ڪجھ حاصِل ڪرڻ چاهين ٿا، حقيقت ۾ هي ان جي لاءِ پُوري طرح محنت نه ڪري رهيا هوندا آهن ۽ چاهيندي يا نه چاهيندي پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي کي اِحسَاسِ ڪمتري جي پردي ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن۔

هر ڪاميابي جي پويان محنت هوندي آهي

ياد رکو! اسان جنهن شخص جي ڪاميابين کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي رهيا هوندا آهيون، ان کي هي ڪاميابيون ٿاليءَ (Plate) ۾ رکي تحفي طور ۾ پيش نه ڪيون ويون هيون، ان محنت ڪئي آهي۔ جيڪو اڄ ڪامياب مبلغ آهي، هو پهريان مبلغ نه هو، ان به جڏهن پهريون ڀيرو بيان ڪيو هو ته ان جون ٽنگون به ڏڪڻ لڳيون هونديون، ان کي به جھجھڪ ٿي هوندي، پر ان محنت ڪئي، تڪليف برداشت ڪئي، لاڳيتو ڪوشش ڪندو رهيو، نيٺ ان جي محنتن رنگ لاتو ۽ الله پاڪ ان کي ماهر مبلغ بڻائي ڇڏيو۔ اهڙي طرح هر اهو