Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

کان بچائڻ جي ڪوشش ڪيون۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

اِحسَاسِ ڪمتري جون ٻه قسمون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ٻين کي ته اِحساسِ ڪمتري کان بچائڻو ئي  بچائڻو آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويندا آهن، انهن کي به گھرجي ته الله پاڪ جي رِضا تي راضِي رهن ۽ اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار نه ٿين۔ هڪ ڀيري شيخ طريقت، امير اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه مدني مذاڪري ۾ اِحسَاسِ ڪمتري بابت مدني گل ڏيندي فرمايائون: اِحسَاسِ ڪمتري شرعِي اصطلاح نه آهي، ڪجھ صُورتن ۾ احساسِ ڪمتري انسان کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي ۽ ڪجھ صُورتن ۾ اِحسَاسِ ڪمتري گھڻي ضروري هوندي آهي، مثال طور عَمَل جي اعتبار سان اِحسَاسِ ڪمتري ضروري آهي، (يعني ماڻهو هي سمجھي ته) مون وٽ نيڪيون بلڪل نه آهن، ايئن هو نيڪين جو حِرص وڌائيندو رهي، نيڪين جي معاملي ۾ ڪا اهڙي منزل نه آهي جو ماڻهو مطمئن ٿي وڃي ته هاڻي مون کوڙ نيڪيون ڪري ورتيون آهن، هاڻي مون کي وڌيڪ نيڪين جي حاجت نه آهي، لهٰذا عملن جي اعتبار سان ضروري آهي ته ماڻهو پاڻ کي ڪم تَر تَصَوُّر ڪري ۽ ڪڏهن به پاڻ کي نيڪ نه سمجھي، هڪ گهڙي جي ڪروڙين حصي جي لاءِ به پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ نه آڻي ته مان گھڻو نيڪ آهيان ۽ مقبولِ خدا آهيان ڇوته ڪنهن کي خبر ئي نه آهي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير ان جي باري ۾ ڇا آهي؟ انسان الله پاڪ کان هميشه ڊڄندو رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي گناهگار تصور ڪندو رهي۔