Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

شخص جيڪو اسان کي ڪامياب نظر اچي رهيو آهي، ان جي ڪاميابي جي پويان محنت ۽ مشقت جو هڪ مڪمل داستان هوندو آهي پر اسان ماڻهو ان جي محنتن کي ناهيون ڏسندا، صِرف ان جي ڪاميابي کي ڏسي اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويندا آهيون۔

عاليشان بنگلو خريدڻ جي خواهش

هڪ غريب شخص هو، هو ڪٿان کان لنگھي رهيو هو، ان جي نظر هڪ عالي شان بنگلي تي پئي، محل نُما خوب صُورت ۽ عاليشان گھر ڏسي ان جي دِل کي ڏاڍو وڻيو، ان جي دِل ۾ شوق پيدا ٿيو ته ڪاش! ڪنهن طرح به اهڙو عاليشان گھر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان۔ هاڻي ان عاليشان بنگلي جو در کڙڪايو۔ مُلازِم در کوليو۔ غريب شخص درخواست ڪئي ته مان ان بنگلي جي مالِڪ کان ملڻ چاهيان ٿو۔ ان کي بنگلي جي مالِڪ جي سامهون پيش ڪيو ويو۔ هاڻي ان غريب شخص بنگلي جي مالِڪ کان پڇيو: جناب! مان به اهڙو عاليشان گھر بنائڻ چاهيان ٿو، ان جي لاءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ بنگلي جي مالِڪ وڏي سادگي سان چيو: ٽافين جو هڪ ڊٻو خريد ڪري فُٽ پاٿ تي ويهي وڪڻڻ شروع ڪيو! غريب شخص هي جواب ٻُڌي  ڏاڍو حيران ٿيو ته مان هن کان عالي شان بنگلو خريدڻ جو طريقو پڇي رهيو آهيان ۽ هي مون کي فُٽ پاٿ تي ويهڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي۔ ان حيراني مان چيو: جناب! مان اوهان جو مطلب نه سمجھيس...؟ بنگلي جي مالِڪ چيو: سولي ڳالھ آهي، توهان منهنجي گھر جهڙو گھر خريدڻ چاهيو ٿا، مون به فُٽ پاٿ تي ويهي ٽافيون وڪڻڻ کان شروعات ڪئي هئي، توهان به اتان کان شروعات ڪيو! الله پاڪ مون کي محنتن جو ڦل عطا ڪيو، توکي به ضرور عطا فرمائيندو۔

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! عاليشان بنگلي ۾ رهڻ واري دُنياوي